والاريل بيت المقدس-08 ڊسمبر (اي پي پي) فلسطين آرٽيڪل 99 جي حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي قدمن جي آجيان ڪندي ان کي غزه جنگ جي خاتمي لاءِ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو. العربيه اردو موجب فلسطيني پرڏيهي وزارت گڏيل قومن جي خلاف اسرائيل طرفان ڪيل سياسي دهشتگردي جي مذمت ڪئي ۽ سلامتي ڪائونسل سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. واضح رهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل باضابطه طور تي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته هو غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري. 2017ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي طور تي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 99 سان رابطو ڪيو آهي، هي آرٽيڪل گڏيل قومن جي اڳواڻ کي ڪنهن به اهڙي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ موڪلڻ جي اجازت ڏي ٿو جنهن سان ان جي خيال ۾ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرو هجي. ٻئي پاسي يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي اهلڪار جوزپ بوريل به ان معاملي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي حمايت ڪئي آهي.