جميڪا – پهرين ڊسمبر(اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 3 ڊسمبر تي سرويوين رچرڊ اسٽيڊيم، نارٿ سانڊ، انٽيگا ۾ کيڏي ويندي. برطانوي مينز ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري تي آهي ۽ هو ميزبان ويسٽ انڊيز ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي شروعات 3 ڊسمبر کان ٿيندي. ٻئين ميچ 6 ڊسمبر جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ 9 ڊسمبر تي کيڏي ويندي.