جنيوا-17 نومبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ سلامتي ڪائونسل طرفان غزه جي پسگردائي ۾ اسرائيل جي گهيراءَ ۽ ويڙهه کي روڪڻ جي فيصلي جي آجيان ڪندي تڪراري ڌرين تي زور ڀريو آهي ته اهي خوفناڪ صورتحال مان نڪرڻ لاءِ سياسي رستو اختيار ڪن. هن اتي گذريل 5 هفتن جي جاري ويڙهه ۾ شهرين کي وڏي پيماني تي نشانو بڻائڻ جي پڻ سخت مذمت ڪئي ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين لاءِ اسرائيل کي جوابده قرار ڏيڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته اسپتالن، اسڪولن، بازارن ۽ بيڪرين تي ثيل حملن سان گڏوگڏ غزه تي اسرائيل جي ناڪابندي ۽ گهيراءَ جي صورت ۾ اجتمائي سزائون عالمي انساني قانون تحت پابندي پيل آهن. جنيوا ۾ ميمبر ملڪن ۽ صحافين کي بريفنگ بعد انڪليو ۾ مايوس ڪن انساني صورتحال کي خطاب ڪندي هن غزه شهر جي گهيراءَ هيٺ آيل الشفا اسپتال ۾ ڪيترن ئي مريضن جي فوتگي ۽ غزه پٽي ۾ صحت جي مرڪزن تي حملن ۾ واڌ کي پڻ اجاڳر ڪيو. هن تڪراري ڌرين تي پڻ زور ڀريو ته هو فوري طور تي سلامتي ڪائونسل جي سڏ تي عمل ڪن. جنگي ڏوهن جي تحقيقات، انصاف ۽ احتساب جي ضرورت جي حوالي سان صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سمورين ڀڃڪڙين جي شاهدين کي دستاويزي شڪل ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته غزه بحران ان رياستن جي حدن کان ٻاهر پڻ پکڙيل آهي جيڪو خطرناڪ آهي. هن وڌيڪ پولرائيزيشن جي ڄار خلاف خبردار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسان مان هر ڪنهن کي گڏيل بنياد تي ان مسئلي جو حل ڳولڻ جي ضرورت آهي.