گڏيل قومون -13 نومبر (اي پي پي) غزه تي اسرائيلي حملن ۾ فوتگين جي تعداد 11 هزار کان وڌي وئي ۽ زخمي 27 هزار 490 تائين پهچي چڪا آهن. برطانوي اخبار مطابق غزه جي پٽي تي 7 آڪٽوبر کان شروع ڪيل اسرائيلي زميني، سامونڊي ۽ هوائي حملن علائقي ۾ وڏي پيماني تي افراتفري ۽ تباهي پکيڙي آهي. ان حوالي سان گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطا آفيس جي ويب سائيٽ تي جاري رپورٽ مطابق غزه تي تازن اسرائيلي حملن ۾ 41 هزار کان وڌيڪ گهر تباهه ۽ 2 لک 22 هزار کان وڌيڪ کي نقصان پهتو آهي. هن ٻڌايو ته اسرائيلي حملن دوران غزه ۾ ٿيل فوتگين جو تعداد 11 هزار کان وڌي چڪو آهي، جڏهن ته زخمين جو تعداد 27 هزار 490 ٿي چڪو آهي. اسرائيلي حملن ۾ ٿيل فوتگين ۾ 3 هزار 27 عورتون، 4506 ٻار ۽ 678 بزرگ ماڻهو شامل آهن. رپورٽ مطابق 2700 ماڻهن جن ۾ 1500 ٻار شامل آهن هن وقت تائين گم آهن. رپورٽ مطابق مجموعي طور تي غزه جي گهٽ م گهٽ 45 سيڪڙو رهائشي يونٽن کي مبينه طور تي نقصان پهتو يا اهي تباهه ٿي ويا. اهي انگ اکر غزه جي اختيارين طرفان فراهم ڪيا ويا آهن.