گڏيل قومون- 02 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائيل جي غزه تي حملن سان گڏوگڏ اولهه ڪناري جي يهودي آبادڪارن وڌيڪ 820 کان وڌيڪ فلسطينين کي گهرن مان ڪڍي ڇڏيو آهي جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي. گڏيل قومن جي انساني معاملن واري اداري موجب غزه ۾ اسرائيل فلسطين جنگ جا اثر والاريل اولهه ڪناري تي به پئجي رهيا آهن جتي يهودي آبادڪارن 820 کان وڌيڪ فلسطينين کي سندن گهرن کان بي دخل ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڳڻتي جو سبب آهي ، ان تڪرار ۾ هن وقت تائين 8 هزار کان وڌيڪ فسلطيني ٻار، عورتون ۽ مرد شهيد ۽ هزارين زخمي ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته فلسطين اسرائيل ڇڪتاڻ سبب اولهه ڪناري ۾ يهودي آبادڪارن جو فلسطينين تي تشدد ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، ٻنهي قومن وچ ۾ تشدد جا روزاني واقعا سراسري 3 کان وڌي 7 تائين پهچي ويا آهن، هن جو چوڻ هو ته تازن ڏينهن ۾ يهودين آبادڪارن تي 171 کان وڌيڪ حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 26 ماڻهو فوت ۽ 115 فلسطيني ملڪيتن کي نقصان پهتو جڏهن ته صرف 30 واقعا رپورٽ ٿيا جن ۾ هراسان ڪرڻ، قبضن ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جا معاملا شامل ناهن، والاريل علائقي ۾ اسرائيلي عملدارن طرفان فلسطينين خلاف رسائي جون پابنديون والاريل بيت المقدس جي اوڀر علائقي سميت پوري اولهه ڪناري ۾ تيز ٿي ويون آهن، خاص ڪري اسرائيلي وسندين ويجهو ۽ نام نهاد سيم زون جي علائقي ۾ شديد آهن، اولهه ڪناري ۾ اسرائيل جي 712 ڪلوميٽر ڊگهي رڪاوٽ سان فسلطيني علائقو ڌار آهي. اداري جو چوڻ آهي ته آبادڪارن به لڏپلاڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، فسلطيني برادرين تائين رسائي جي روڊن کي بند ڪري ضروري خدمتون ۽ روزگار تائين سندن رسائي کي محدود ڪيو ويو آهي، ڪجهه معاملن ۾ آبادڪارن آبي وسيلن کي به نقصان پهچايو آهي، پابندين ۾ شدت کانپوءِ انساني خدمتن سميت صحت ۽ تعليم کي به روڪڻو پيو آهي، 12 آڪٽوبر تي اتر اولهه ڪناري جي علائقي نابلوس ۾ 51 ماڻهن تي ٻڌل 8 گهراڻن کي بي گهر ڪيو ويو، تقريبن اڌ واقعن ۾ اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز حملا آورن جو ساٿ ڏنو يا فعال طور تي مدد ڪئي، ڪيترائي واقعا اسرائيلي فورسز ۽ فلسطينين وچ ۾ ٽڪراءُ کانپوءِ ٿيا جن ۾ ٽي فلسطيني شهيد ۽ درجنين زخمي ٿيا. گڏيل قومن موجب غزه جي اتر اڌ حصي ۾ هڪ اندازي موجب 10 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، اسرائيل جي غزه تي بمباري روڪڻ جي مطالبن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته تازن ڏينهن ۾ ان جي فوجي ڪاررواين ۾ تيزي آئي آهي.