اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي پاڪستان ۾ موجود غير قانوني پرڏيهين کي رضاڪاراڻه طور تي 31 آڪٽوبر تائين ملڪ ڇڏڻ جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پهرين نومبر تائين واپس نٿا وڃن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙن ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪندا، هاڻي پاڪستان ۾ ڪوبه پرڏيهي بنا ويزا ۽ پاسپورٽ جي داخل نه ٿي سگهندو، 10 آڪٽوبر کان 31 آڪٽوبر تائين افغان شهرين لاءِ اليڪٽرانڪ ڳالهيون هلنديون، اهي ڪمپيوٽرائيزڊ هوندو، ڪاغذي ڳالهيون نه هلنديون، اسان 10 آڪٽوبر کان 31 آڪٽوبر تائين ان جي اجازت ڏئي رهيا آهيون ۽ بعد ۾ پاسپورٽ ۽ ويزا پاليسي لاڳو ٿيندي. گهرو وزارت ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس کانپوءِ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سرفراز احمد بگٽي چيو ته ڪنهن به پاڪستاني جي ڀلائي ۽ سيڪيورٽي اسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ مٿاهين آهي ۽ ڪنهن به ملڪ يا پاليسيءَ کان وڌيڪ اهم پاڪستاني قوم آهي. هن چيو ته ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي اسان پهرين نومبر تائين جي ڊيڊ لائن ڏني آهي ته هو ان تاريخ تائين رضاڪاراڻي طور پنهنجي پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس هليا وڃن ۽ جيڪڏهن اهي پهرين نومبر تائين واپس نٿا وڃن ته رياست جا جيترا به قانون لاڳو ڪندڙ ادارا آهن اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته اهڙن ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪنداسين. هن چيو ته پهرين نومبر ئي پاسپورٽ ۽ ويزا جي تجديد جي ڊيڊ لائن آهي، دنيا ۾ ڪٿي به ائين ناهي ٿيندو ته توهان ڪنهن ٻئي دستاويز تي ڪنهن ملڪ ۾ سفر ڪريو. واحد اسان جو ملڪ آهي جتي توهان بنا پاسپورٽ ۽ ويزا جي ان ملڪ ۾ اچو ٿا، اهوئي سبب آهي ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته پهرين نومبر کان پوءِ ڪوبه شخص ڪنهن به ملڪ جو رهندڙ پاسپورٽ ۽ ويزا کانسواءِ اسان جي ملڪ ۾ داخل نه ٿيندو ۽ـ صرف پاسپورٽ هلندو. هن چيو ته پهرين نومبر کان پوءِ اسان جو هڪ آپريشن شروع ٿيندو جنهن ۾ گهرو وزارت ۾ هڪ ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي جنهن تحت پاڪستان ۾ غير قانوني طريقي سان اچي رهندڙن جون جيتريون به غير قانوني ملڪيتون آهن انهن جيترا به غير قانوني ڪاروبار ڪيا آهن، اسان جي ٽيڪس نيٽ ۾ ناهن يا اهو ڪاروبار جيڪو غير قانوني شهرين جو آهي پر پاڪستاني شهري ان سان گڏجي اهو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، اسان جون ڳجهيون ايجنسيون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن کي ڳوليندا ۽ اسان انهن جي ڪاروبار ۽ ملڪيتن کي سرڪاري حق طور ضبط ڪنداسين، ان کان علاوه جيڪو به پاڪستاني ان ڪم جي سهولت ڪاريءَ ۾ ملوث هوندو ان کي پاڪستان جي قانون مطابق سزائون ڏياريون وينديون. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ جهڙيءَ طرح شناختي ڪارڊ جاري ٿيندا رهيا آهن ان ۾ ڪيتريون ئي بي ضابطگيون هيون ۽ غير قانوني طريقي سان ڪيترائي جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهيا ويا آهن ۽ ان شناختي ڪارڊ تي سفري دستاويز ۽ پاسپورٽ ٺاهيا ويا آهن. ماڻهو انهن پاسپورٽ ذريعي ٻاهر ملڪن جو سفر ڪندا آهن ۽ ڪيترن ئي جاين تي اهڙا مثال آهن جتي ماڻهو دهشتگرد سرگرمين ۾ پڪڙيا ويا آهن ۽ـ جيڪي پڪڙيا ويا آهن اهي پاڪستاني شهري نه هئا پر انهن وٽ پاڪستاني پاسپورٽ هو جيڪو انهن کي نادرا مان مليو. اهڙي صورتحال ۾ هڪ ماهر فوجي آفيسر کي نادرا چيئرمين مقرر ڪرڻ هڪ سٺو قدم آهي، غير قانوني طور تي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن کي به جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته نادرا جو هڪ فيملي ٽري آهي، جنهن ۾ ڪيتري حد تائين اهو ممڪن آهي ته اسان مان ڪنهن هڪ جي به فيملي ٽري ۾ ڪنهن ٻئي کي وڌو ويندو آهي ۽ هو پاڪستاني شهري بڻجي ويندو آهي. اسان وٽ ڊي اين اي ٽيسٽ جي سهولت اچي وئي آهي ۽ اسان انهن ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽ به ڪرائينداسين جيڪي پاڪستاني شناختي ڪارڊ جا مالڪ آهن پر پاڪستاني ناهن، ان کان علاوه اسان هڪ ويب پورٽل بڻائي رهيا آهيون ۽ هڪ يو اين اي نمبر ڏئي رهيا آهيون، اسان سمورن پاڪستانين جي حوصله افزائي ڪري رهيا آهيون ته هو ويب پورٽل ۽ ان نمبر ذريعي اسان سان رابطو ڪن. اسان کي غير قانوني شناختي ڪارڊ، غير قانوني پرڏيهين جي حوالي سان معلومات ڏيندو ۽ غير قانوني سرگرمين جيئن اسمگلنگ، ذخيره اندوزي جي حوالي سان ڄاڻ ڏيندو ته ان جو نالو راز ۾ رکيو ويندو ۽ ان لاءِ انعامي رقم به رکي ويندي. گهرو وزارت سمورن کاتن کي اها ڄاڻ ڏيندي ۽ فوري ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته هنڊي حواله ۽ بجلي چوري جي حوالي سان اسان جا آپريشنز هلي رهيا آهن ۽ اسان ان تي وڌيڪ سختي ڪنداسين. وڌيڪ انهن ماڻهن کي ڳولينداسين جن جي ڪري پاڪستاني معيشت ڏُکيائي ۾ گهڙيل آهي. بجلي چورن، ڊالر، کنڊ، ۽ ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن کي ٽيڪنالاجي جي مدد سان پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان ڪنهن کي به شدت پسنديءَ جي اجازت نه ڏينداسين. سياسي شدت پسندي، دهشتگردي، قومپرستي يا مذهب جي نالي تي هجي يا ڪنهن به نالي تي هجي ان تشدد تي عمل نه ڪرڻ ڏينداسين. بندوق جي زور تي جيڪڏهن ڪير پنهنجي ايجنڊا مسلط ڪرڻ چاهي ٿو ته ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. پاڪستان آئين ۽ قانون مطابق هلندو. هن چيو ته ان لاءِ اسلام جو نالو وٺي رياست تي حملي آور ٿي ويندا آهن، انهن کي سختيءَ سان مُنهن ڏنو ويندو. اسان اهڙي ڪنهن به جٿي کي پاڪستان ۾ پلجڻ نه ڏينداسين ۽ ڪنهن کي پنهنجي اقليتن تي حملي آور ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ رياست مظلوم سان گڏ بيٺل هوندي.