راولپنڊي – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايڇ ڪيو جو الوداعي دورو ڪيو. آئي ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو اچڻ تي آرمي چيف وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم پرنسپل اسٽاف آفيسرز سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي ان موقعي تي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. هن شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. وزيراعظم آرمي آڊيٽوريم ۾ شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ منعقد تقريب جو خاص مهمان پڻ هو. وزيراعظم شهيدن، غازين ۽ انهن جي خاندانن کي ملڪ جي دفاع لاءِ انهن جي قربانين ۽ خدمتن تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم ملڪ جي علائقائي سلامتي جي تحفظ ۽ سڄي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته شهيد ۽ غازي اسان جو فخر آهن ۽ انهن جي عزت ۽ تڪريم هر پاڪستاني تي لازمي آهي، اسان کي اهو ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته اڄ اسان جنهن امن ۽ آزادي مان لطف اندوز ٿي رهيا آهيون اها هن مٽيءَ جي انهن بهادر فرزندن جي لازوال قربانين جي ڪري آهي، آئون پاڪستان جي لاءِ پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻ تي انهن جي گهرڀاتين کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته هاڻي اهو اسان جو فرض آهي ته اسان هر پاڪستاني جي خوشحالي ۽ ڀلائي جي لاءِ پنهنجي شهيدن ۽ غازين جي عظيم قربانين جو ادراڪ ڪريون. هن چيو ته جن ماڻهن شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، انهن جا منهن هن ملڪ جي تاريخ ۾ ڪارا رهندا ۽ پاڪستان جا قابل فخر ماڻهو انهن کي ڪڏهن به نه وساريندا. وزيراعظم شهيدن جي 70 خاندانن ۽ 30 جنگي زخمين ۾ خصوصي امداد جا چيڪ ورهايا. شهيدن جي ٻارن ۾ تعليمي سرگرمين جي لاءِ ليپ ٽاپ پڻ ورهايا.