اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽن بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پاڪستان ايئر سيفٽي جاچ بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل جو مقصد هوائي جهازن جي حادثن ۽ سفر بابت واقعن جي بهتر جاچ جي لاءِ قانونسازي آهي. صدر مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي فنانسنگ جي روڪٿام جي بل 2023ع جي پڻ منظوري ڏني جنهن جو مقصد نيشنل اينٽي مني لانڊرنگ ايند ڪائونٽر ٽيرر فنانسنگ اٿارٽي قائم ڪرڻ آهي. صدر گن اينڊ ڪنٽري ڪلب بل 2023ع جي پڻ منظوري ڏني. ان بل جو مقصد اسلام آباد ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب قائم ڪرڻ، انتظام ۽ انصرام جي لاءِ قانونسازي آهي. صدر بلن جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي آهي.