اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا (ترميمي) بل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، پارلياماني نگراني، ٽربيونل، ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۽ جمع ڪرايل ترميمن بابت معاملا حل ڪرڻ جي لاءِ سينيٽ ۾ رولز آف پروسيجر اينڊ ڪنڊڪٽ آف بزنس 2012ع تحت پيمرا (ترميمي) بل 2023ع واپس وٺي ڇڏيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پڏرائي موجب اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هي بل اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب متعارف ڪرايو هو جنهن تي ڪميٽي ميمبرن گهڻو غور ويچار ڪيو. پاڪستان ۾ اهم اليڪٽرانڪ ميڊيا آرگنائيزيشن سان تعلق رکندڙ سينيئر صحافين ۽ مختلف ميڊيا ايسوسيئيشنز جي نمائندن ”پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع تي بحث جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس دوران بل جي محرڪ اطلاعات واري وفاقي وزير قانونسازي جي اهميت کي تسليم ڪيو. محتاط غور فڪر ۽ مختلف ڌرين کان 28 ترميمون وصول ڪرڻ کانپوءِ اسپانسر مناسب ترميمن کي بل ۾ شامل ڪري قانونسازي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ بل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نئين حڪومت کي ان کي مستقبل ۾ اڳتي وڌائڻ جي اجازت ڏني. ان قدم کي مختلف ڌرين پاران فراهم ڪيل قيمتي راءِ جي ڏس ۾ بل تي وڌيڪ وقت، غور فڪر ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي موقعي طور ڏٺو ويو. مختلف ميڊيا تنظيمن جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پنهنجون ترميمون پيش ڪيون ۽ بل تي پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو. بل تي بحث دوران ميڊيا ورڪرز جي رهتن ۽ پگهارن جا مسئلا اهم نقطو هو. ڪميٽي جي ميمبرن، صحافين ۽ ميڊيا تنظيمن جي نمائندن بل مڪمل طور تي واپس وٺڻ بدران باقي تجويز ڪيل تبديلين تي غور فڪر ڪندي انهن ترميمن جي منظوري جي اهميت تي زور ڏنو. سينيٽر عرفان صديقي بل کي ايجنڊا ۾ رکڻ خاص طور تي صحافين جي جسماني ۽ مالي تحفظ بابت ترميمن جي حوالي سان بل تي غور فڪر جاري رکڻ تي زور ڏنو. سينيٽر مشتاق احمد غيرتڪراري ترميمن جي منظوري تي زور ڏنو. بل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ پارلياماني نگراني، ٽربيونل، ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۽ جمع ڪرايل ترميمن بابت معاملن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اسپانسر مشاورت جو عمل ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت کان آگاهه ڪيو. چيئر جي اعلان موجب سينيٽ ۾ رولز آف پروسيجر اينڊ ڪنڊڪٽ آف بزنس 2012ع تحت بل باضابطا طور تي واپس ورتو ويو آهي. ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر عرفان صديقي، محمد طاهر بزنجو، ڪامران مائيڪل، وقار مهدي، انور لال دين، ڪامران مرتصيٰ ۽ مشتاق احمد شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا سينيئر عملدار، سينيئر صحافي ۽ پيمرا چيئرمين پڻ اجلاس ۾ موجود هئا. اجلاس جي پڄاڻي پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا منظرنامي کي ريگيوليٽ ڪرڻ ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ پيمرا (ترميمي) بل 2023ع کي بهتر بڻائڻ جي ارادي سان ٿي.