اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي حڪومت ڪجهه ڏينهن ۾ وڃڻ واري آهي، ڪوشش آهي ته اهڙو نگران سيٽ اپ قائم ڪيون جيڪو سڀني کي قابل قبول هجي، چونڊن کانپوءِ جنهن جي به حڪومت آئي ان کي ڪيترائي چئلينجز درپيش هوندا، اسان آياسين تڏهن به ٺيڪ جيڪڏهن ڪو ٻيو اچي ٿو ته ان جو به احترام ڪنداسين، آءِ ايم ايف سان معاهدي جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون، گذريل حڪومت دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وڏين ڪوششن کانپوءِ پاڪستان جي دوست ملڪن کي ٻيهر راضي ڪيو. هن چيو ته قوم چين کي ڪڏهن به نه وساري، هن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، ملڪ جي ترقي جي لاءِ انقلابي قدم کڻڻا پوندا، ائين نه هو ٿي سگهي ته عوام تي ٽيڪس هنيا وڃن ۽ امير بجلي چوري ڪن، پاور سيڪٽر ۾ ساليانو 450 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئون سڀني ميمبرن ۽ سينيٽرن جو ٿورائتو آهيان جيڪي منهنجي دعوت تي آيا آهن. هن چيو ته اتحادي حڪومت هي سفر 11 اپريل 2022ع تي شروع ڪيو، جنهن ۾ سڀني پارٽين جا اڳواڻ شامل هئا، آئون پنهنجي قائد نواز شريف، آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان، سردار اختر مينگل، چوڌري شجاعت حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، سردار خالد مگسي، محسن داوڙ سميت سڀني پارٽين جي اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان جن مون تي اعتماد ڪندي مون کي هي عهدو ڏنو. وزيراعظم چيو ته مون وٽ اهڙا لفظ نه آهن جو انهن جو ٿورو ادا ڪري سگهان. هن چيو ته اها خبر هئي ته ملڪ کي وڏا چئلينج درپيش آهن، جيڪي بيان نه ٿا ڪري سگهجن ۽ اها به خبر هئي ته صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽٽڻ جي ڪنڌي تي پهچي ويو هو، عمران نيازي رڳو گاريون ڏيندو رهيو ۽ اسان کي چور چور چوندو رهيو جنهن سان ملڪ ۾ايتري نفرت ۽ حقارت پيدا ٿي آهي ۽ ماڻهن جي ذهن ۾ ايترو زهر ڀرجي ويو آهي جنهن جا اثر خطرناڪ آهن ۽ اهي ڪيتري ئي وقت تائين رهندا. هن چيو ته هڪ عمارت ٺاهڻ ۾ گهڻو وقت لڳي پر ڊاهڻ ۾ هڪ پل لڳي ٿو. هن چيو ته اسان همت ڪري ان مشڪل سفر تي نڪري پياسين ۽ سڀني گڏجي ڪوشش ڪئي، ان وچ ۾ ٻوڏ سبب وڏو نقصان ٿيو، جڏهن ته مهانگائي جي طوفان غريبن کي ٻوڙي ڇڏيو. هن چيو ته ان صورتحال جي باوجود عمران نيازي هر وقت چوندو رهيو ته اڄ هتي ڌرڻو هڻنداسين، اڄ هتي روڊ بلاڪ ڪنداسين ۽ ان جا ملڪ تي تمام گهڻا خراب اثر پيا. هن چيو ته ڪو به ملڪ جيستائين سياسي استحڪام حاصل نه ٿو ڪري تيستائين ان جي ترقي جو تصور به ممڪن نه آهي. هن چيو ته منهنجي لاءِ هڪ ميمبر واري پارٽي هجي يا 84 ميمبرن واري پارٽي هجي پر سڀ برابر آهيون، مون ڪنهن ۾ به ڪو فرق محسوس نه ڪيو. هن چيو ته اسان آءِ ايم ايف جي معاهدي جي لاءِ پنهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي پر اسحاق ڊار ان ڳالهه تي مطمئن هو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿو ٿئي تڏهن به خير آهي، اسان ڏيوالو نڪرڻ کان بچي وينداسين پر اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿئي ها ته صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي وڃي ها، بيروزگاري وڌي وڃي ها، ماڻهو رستن تي اچي وڃن ٿا، صورتحال خراب ٿئي ها ته ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ سميت سمورا وڏا ادارا ملڪ ڇڏي وڃن ها جنهن سان ملڪ تي تمام گهڻو خراب اثر پوي ها. هن چيو ته پيرس ۾ منهنجي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات ٿي، اڌ ڪلاڪ تائين تمام گهڻي سرد مهري رهي ۽ هن معاهدو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته 30 جون تي معاهدو ختم ٿيڻ وارو هو پر مون وڏيون منٿون ڪيون ۽ ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ اهو طئي ٿيو ته ٽيمون ڳالهيون ڪنديون ۽ پوءِ رات جو ڳالهيون ڪيون ويون ۽ گڏيل ڪوششن کانپوءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيو. هن چيو ته عمران خان جي تباهي جو ازالو اسان جي اتحادي حڪومت ڪيو ۽ اهو اعزاز اسان جي حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته عمران نيازي پرڏيهي محاذ تي به تمام وڏي تباهي ڪئي، دوست ۽ ڀائر ملڪن جي لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪيا ويا. هن چيو ته ملتان جو اهو ڪهڙو شخص هو جنهن چيو هو ته اسان دوست ملڪ کانسواءِ ئي ڪشمير جو مسئلو حل ڪري ڇڏينداسين ۽ چين جهڙي ملڪ جنهن جي لاءِ به تمام گهڻو ڪجهه چيو ويو ۽ اهو چيو ويو ته 500 ملين جي امداد اسان کي نه ٿي کپي. هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ وزيراعظم هائوس مان ويهي دوست ملڪن تي الزام هنيا ويا. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري صورتحال بهتر ڪرڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون ۽ دوست ملڪن کي راضي ڪيو. هن چيو ته هينئر جڏهن چين جو نائب وزيراعظم آيو ته ان وقت وڏي گرمجوشي هئي جيڪا پراڻي وقت ۾ هئي. هن چيو ته جنهن ملڪ 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪئي پر ان کي منافعو ڏيڻ ۾ دير ڪئي وئي، منهنجي مٿان 45 سيڪڙو ڪميشن جو الزام هنيو ويو ته جيئن ان سان چين سان لاڳاپا خراب ٿين. هن چيو ته جنهن ملڪ امن، جنگ، گڏيل قومن ۽ حساس معاملن ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ ڪڏهن به ڪو سوال نه ڪيو ايستائين جو چين 1971ع جي جنگ ۾ ڀارت کان 800 رڍون واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو پر اسان کان ڪڏهن به ڪو سوال نه ڪيو آهي. هن چيو ته ساڍا 15 مهينن ۾ چين اسان کي ساڍا 4 ارب ڊالر ڏنا جيڪڏهن اهي نه ڏي ها ته اسان جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿين ها. ان کانسواءِ اسحاق ڊار 4 ملين ڊالر جو به بندوبست ڪيو جنهن ۾ 2 ارب ڊالر سعودي عرب ڏنا، هڪ ارب ڊالر يو اي اي ۽ هڪ ارب ڊالر اسلامي بئنڪ ڏنا. اسان سان سڀني تعاون ڪيو. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ ناڻو ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته في الحال ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو ٽري ويو آهي پر اسان کي سرجيڪل آپريشن ڪرڻو پوندو، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته غريبن تي ٽيڪس هڻي انهن کي تباهه ڪيو وڃي ۽ اشرافيه کي بخش ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي ته ان جي لاءِ ان وقت جي حڪومت، اشرافيه ۽ اميرن کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي عوام کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته دنيا ۾ محنت کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي جو ماڻهو اڳتي وڌي سگهي، جادو ۽ ٽوڻي سان ڪجهه به ٿيڻو نه آهي. هن چيو ته سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان سميت سڀني کي گڏجي هلڻو پوندو. هن چيو ته پاور سيڪٽر ۾ 450 ارب رپيا درياءَ جي حوالي ٿي وڃن ٿا، ڪيتري ئي بجلي جي چوري ٿئي ٿي ۽ اهي سڀ وڏا ماڻهو چوري ڪن ٿا، غريب چوري ناهي ڪندو. بجلي وارا مختلف ماڻهن کي مختلف بلز موڪلي ڇڏيندا آهن. هن چيو ته ڪجهه ڊسڪوز بهتر ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه پنهنجي حيثيت موجب ڪم نه پيا ڪن جنهن سان نقصان ٿي رهيو آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي، آئون صوبائيت جي ڳالهه نه ٿو ڪريان پر ملڪ جي ڀلي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته هاڻي جيڪا حڪومت چونڊجي آئي ته ان جي لاءِ اهي چئلينج هوندا. وزيراعظم چيو ته خبر نه آهي ته ايندڙ حڪومت ڪنهن جي ايندي، اسان اينداسين يا ٻيو ڪو ايندو، جيڪڏهن ٻيو ڪير اچي ٿو ته اسان ان جي مينڊيٽ جو احترام ڪنداسين. هن چيو ته گهرن ۾ ٿانوَ به ٺڙڪندا آهن ۽ ساڍا 15 مهينن ۾ يقينن اتحادي حڪومت جي وچ ۾ به ڪجهه نه ڪجهه تلخيون ٿيون هونديون پر آئون ڪنهن به غلطي جي معافي وٺان ٿو. هن چيو ته آئون عوام کي چوان ٿو ته چين کي ڪڏهن به نه وسارجو ڇو ته هن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته قومون ڪنهن حادثن جي ڪري تباهه ناهن ٿينديون ڇو ته جرمني ۽ جاپان جو مثال سڀني جي سامهون آهي، جيڪي تباهه ٿيڻ کانپوءِ محنت ڪري ٻيهر اُسري ويا. چين اسان کانپوءِ آزادي ماڻي پر هن وقت دنيا جي ٻي وڏي معيشت آهي. هن چيو ته تازو چين جي صدر شي جن پنگ جو ڊيلي چائنا ۾ بيان آيو آهي ته چين پاڪستان جو ڪنهن به صورت ۾ ساٿ نه ڇڏيندو. هن چيو ته هاڻي اسان کي چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات مان سيڙپڪاري آڻڻي پوندي ته جيئن بيروزگاري جو خاتمو آڻي سگهجي باقي ڪنهن کان قرض گهرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا. هن چيو ته تقريرن سان ڪم نه هلندو پر اسان کي محنت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته آئون اسپيڪر جو ٿورائتو آهيان جنهن شاندار نموني سان ايوان هلايو. سينيٽ چيئرمين جو به ٿورائتو آهيان جنهن ايوان جي ڪارروائي بهتر طريقي سان هلائي ۽ سڀني کي گڏ کڻي هليو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت ڪجهه ڏينهن ۾ وڃڻ واري آهي ان کانپوءِ نگران سيٽ اپ ايندو جنهن جي لاءِ اسان سڀني پارٽين سان ڳالهائينداسين. هن چيو ته ڪوشش هوندي ته اهڙو نگران سيٽ اپ قائم ڪيو وڃي جيڪو سڀني کي قابل قبول هجي.