واشنگٽن- 20 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو اميد رکي ٿو ته هلندڙ سال جي آخر ۾ اتر ڪوريا جي اعليٰ اڳواڻ ڪم جونگ ان سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن خميس تي وائٽ هائوس ۾ صحافين جي هڪ سوال جي جواب ۾ چئي. صحافين آمريڪي صدر کان پڇيو ته ڇا کيس هلندڙ سال ڪم جونگ ان سان ملاقات جي توقع …
هلندڙ سال جي آخر ۾ اتر ڪوريا جي اڳواڻ سان ملاقات متوقع آهي: آمريڪي صدر
واشنگٽن- 20 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو اميد رکي ٿو ته هلندڙ سال جي آخر ۾ اتر ڪوريا جي اعليٰ اڳواڻ ڪم جونگ ان سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن خميس تي وائٽ هائوس ۾ صحافين جي هڪ سوال جي جواب ۾ چئي. صحافين آمريڪي صدر کان پڇيو ته ڇا کيس هلندڙ سال ڪم جونگ ان سان ملاقات جي توقع آهي ته ٽرمپ جواب ڏنو، ها آئون ملاقات ڪندس. پر وائٽ هائوس ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات جي ڪنهن منصوبي جي تصديق نه ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته آمريڪي صدر نجي طور پنهنجي ايشيا جي ايندڙ دوري دوران اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان سان ملاقات ڪرڻ جي انتظام تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. اهو دورو امڪاني طور تي نومبر ۾ ٿي سگهي ٿو.










