رياض _ 20 آگسٽ (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل ( جي سي سي ) جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البديوي گڏيل عرب امارات جي سفارتي ۽ انساني بنيادن تي ڪيل ڪوششن کي ساراهيو، جنهن جي نتيجي ۾ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ قيدين جي ڪامياب مٽاسٽا جو عمل مڪمل ٿيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان معاملي ۾ گڏيل عرب امارات جي فعال ٽياڪڙي انساني …
گڏيل عرب امارات جي ٽياڪڙي جي تعريف
رياض _ 20 آگسٽ (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل ( جي سي سي ) جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البديوي گڏيل عرب امارات جي سفارتي ۽ انساني بنيادن تي ڪيل ڪوششن کي ساراهيو، جنهن جي نتيجي ۾ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ قيدين جي ڪامياب مٽاسٽا جو عمل مڪمل ٿيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان معاملي ۾ گڏيل عرب امارات جي فعال ٽياڪڙي انساني مسئلن جي حل لاءِ مستقل موقف جي ترجماني ڪري ٿي. هن چيو ته انهن ڪوششن سان انساني مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. جن سان سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ شهرين جي حياتين جو تحفظ به ممڪن ٿي سگندو. هن چيو ته جي سي سي جا ميمبر ملڪ مختلف معاملن ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ ڌرين وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ڇو ته کين ان ڳالهه تي پختو يقين آهي ته عالمي بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳالهيون ۽ سفارتي ذريعا بنيادي اهميت رکن ٿا .










