پيرس- 20 آگسٽ (اي پي پي) فرانس اولهندي ڪناري ۾ پرتشدد واقعن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته انهن واقعن سبب اسرائيلي داخلي سلامتي جي وزير ايتمار بين گوير خلاف پابنديون لڳائڻ جو جواز موجود آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه فرانس جي پرڏيهي وزير جين نوئل بيرٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي بيان ۾ چئي. هن چيو ته اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج، پوليس ۽ آبادڪارن جو فلسطيني …
اولهندي ڪناري ۾ پرتشدد واقعا، اسرائيلي آبادڪارن تي به پابنديون لڳائي سگهجن ٿيون: فرانس
پيرس- 20 آگسٽ (اي پي پي) فرانس اولهندي ڪناري ۾ پرتشدد واقعن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته انهن واقعن سبب اسرائيلي داخلي سلامتي جي وزير ايتمار بين گوير خلاف پابنديون لڳائڻ جو جواز موجود آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه فرانس جي پرڏيهي وزير جين نوئل بيرٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي بيان ۾ چئي. هن چيو ته اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج، پوليس ۽ آبادڪارن جو فلسطيني شهرين تي تشدد مڪمل طور شرمناڪ آهي، ان تي اسان سڀني کي ڪراهت محسوس ڪرڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي ته اسان اسرائيلي وزير خلاف پابنديون لڳايون آهن ڇو جو سندس بيان غير انساني ۽ قبول جوڳا ناهن. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته والاريل اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين خلاف پرتشدد ڪارروائين ۾ يهودي آبادڪار ملوث نظر اچن ٿا، ان ڪري انهن خلاف به پابنديون لڳي سگهن ٿيون.










