APP46-281222 ISLAMABAD: December 28 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif chairing a meeting on curbing Tobacco Smuggling and tax evasion. APP/ABB/FHA

اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سگريٽ سازي جي شعبي ۾ اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري جي فوري روڪٿام جي ضرورت تي زور ڏيندي فيڊرل بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ ٽيڪس هدفن جي وصولي کي يقيني بڻايو وڃي، ٽيڪس چورن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ بهتر انفورسمنٽ سان ٽيڪس وصولي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي. هو ملڪ ۾ تمباڪو جي غيرقانوني چرپر ۽ ٽيڪس چوري جي رجحان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدرت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي سگريٽ جي ڪيترن ئي ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳايو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ تماڪ جي شعبي ۾ ٽيڪس وصولي ۾ بهتري آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جولاءِ کان ڊسمبر تائين ان شعبي ۾ 83.5 ارب رپيا ٽيڪس وصول ٿي چڪا آهن جيڪي گذريل سال انهي مُدي دوران گڏ ڪيل ٽيڪس کان 26 سيڪڙو وڌيڪ آهن. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر هڪ ٺوس حڪمت عملي سان ٽيڪس وصولي جي نظام کي بهتر بڻائي ته جيئن ان شعبي ۾ ٽيڪس چوري جو مڪمل خاتمو ٿي سگهي. وزيراعظم ٽيڪس نظام جي بهتري لاءِ ايف بي آر عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ انهن کي پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ خاطرخواهه بهتري آڻڻ جي هدايت ڪئي.