اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه گهڻ رخي فورمز تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلائميٽ ريزيلينٽ پاڪستان تي عالمي ڪانفرنس کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڪانفرنس ۾ بحرين جي اعليٰ سطحي شرڪت جي درخواست ڪئي. شاهه حمد بن عسيٰ الخليفه پاڪستان ۾م وسمياتي ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي دوستاڻن ۽ تاريخي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي اڳوڻن گهڻ رخي فورمز تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه بحريني قيادت جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.