نيويارڪ – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسامه بن لادن مري چڪو آهي پر گجرات جو ڪاسائي اڃا موجود آهي جيڪو ڀارت جو وزيراعظم آهي، ڀارت جي حڪومت گانڌي جي نظرين سان نه پر گانڌي جي قاتلن جي نظرين تي يقين رکي ٿي، دهشتگردي کي اسلام سان ڳنڍڻ صحيح نه آهي، دهشتگردي جو ڪنهن به مذهب يا خطي سان تعلق ناهي هوندو، 2001ع کانپوءِ دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ نشانو مسلمان بڻيا آهن، مسلم دنيا کي دهشتگرد قرار ڏيڻ ڪنهن به صورت ۾ صحيح نه آهي، جوهر ٽائون لاهور ڌماڪي ۾ ڀارتي مداخلت جا رد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت مليا آهن، ڪراچي ۾ چيني شهرين کي به نشانو بڻايو ويو، بلوچستان ۾ به عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ذميوار عنصرن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جون قربانيون ڪنهن کان به گهٽ نه آهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي لائحه عمل تحت ٺوس قدم کنيا ويا آهن ۽ فيٽف ۾ پڻ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد دهشتگردن جي ڌمڪين باوجود جمهوريت لاءِ جدوجهد جاري رکي ۽ منهنجي والده محترمه بينظير ڀٽو جيڪا مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي، ان کي دهشتگردن شهيد ڪيو. هن چيو ته نه سڀئي مسلمان دهشتگرد آهن ۽ نه ئي سڀني جو تعلق ان سان ڳنڍي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لاءِ ٻاهرئين مدد ڪئي وئي. هن چيو ته جوهر ٽائون لاهور واقعي ۾ ڀارت جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن. بلوچستان ۾ به عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٻاهريان هٿ ملوث آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندڙ ٻاهرئين هٿن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ٻوڏ جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا به پاڻي بيٺل آهي، جنيوا ۾ 9 جنوري تي عالمي تعاون جي حوالي سان ڪانفرنس ٿي رهي آهي. هن چيو ته آئون ڀارت کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسامه بن لادن مارجي چڪو آهي پر گجرات جو ڪاسائي اڃا موجود آهي ۽ اهو وزيراعظم بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ڀارتي حڪومت گانڌي جي نه پر گانڌي جي قاتلن جي نظرين تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته موجوده ڀارت جي حڪومت هٽلر کان متاثر آهي ۽ ان سان خطو پڻ متاثر ٿي رهيو آهي.