اسلام آباد-14 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڀارت جي دهشتگرديءَ ۾ ملوث هجڻ جو ڊوزيئر پاڪستان پيش ڪري ڇڏيو آهي. ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهي، لاهور جي جوهر ٽائون واقعي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت آهن ۽ ان واقعي جا ذميوار ڀارت جي پناهه ۾ آهن، جوابدارن جا ريڊ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. ڀارت دهشتگردن تنظيمن جي مدد ڪندو آهي، عالمي برادري ان جو احتساب ڪري. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ان خطي ۾ واقع آهي جتي ڪيترائي چئلينجز آهن، پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ پاڪستان ان جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته ڀارت جي دهشتگرديءَ ۾ ملوث هئڻ جو ڊوزيئر پاڪستان پيش ڪري ڇڏيو آهي، ان ڊوزيئر ۾ واضح ثبوت آهن ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهي. هن چيو ته لاهور جي جوهر ٽائون واقعي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. هن چيو ته ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديوو پاڪستان مان پڪڙيو ويو، جنهن پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جو اعتراف ڪيو. گذريل 3 سال دوران ڀارت جي ڳجهي ايجنسي را جي مدد سان سيڪيورٽي فورسز جي 211 ڄڻن کي نشانو بڻايو ويو. پي سي هوٽل گوادر سميت دهشتگرديءَ جي مختلف واقعن ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ جا واضح ثبوت آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو، جڏهن ته ڀارت دهشتگرديءَ مان فائدو کنيو. ڀارت دهشتگرديءَ جو متاثر هجڻ جو پروپيگنڊا ڪري پاڻ کي مظلوم ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سمجهوته ايڪسپريس سانحو ڀارتي هٺ ڌرمي جو کليل ثبوت آهي، ڀارت جون والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڇڪڙيون سڀني جي آڏو آهن. ڀارت اقليتن خاص طور تي مسلمانن جو قتل ۽ ريپ کي رياستي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته بالاڪوٽ ۾ ڪجهه به نه هو، پر ڀارت چونڊن کان اڳ بالاڪوٽ تي حملو ڪيو، ڀارت هڪ روگ اسٽيٽ آهي جيڪو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. بالاڪوٽ ۾ ڀارت کي مُنهن جي کائڻي پئي. هن چيو ته ڀارت دهشتگردي پکيڙيندڙ تمام وڏو ملڪ آهي، جنهن جا ايجنٽ سڳ سميت پڪڙيا ويا، جنهن جا ثبوت موجود آهن، ڀارت دهشتگرديءَ جو متاثر ملڪ هجڻ جو ڪارڊ کيڏي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان دهشتگرديءَ مان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي. اسان ثبوتن سان گڏ ڀارتي دهشتگرديءَ جي معلومات فراهم ڪئي آهي، انهن ثبوتن سان ڀارت جو چهرو بي نقاب ٿيو آهي. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي دؤري دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ جي 77 پلس چين گروپ جي اجلاس ۾ ڀارتي دهشتگرديءَ جو معاملو اُٿاريندو. هن چيو ته گذريل 10 سالن ۾ ڀارت پاڪستان کي ڪهڙو پيغام ڏنو آهي اُهو اِهو پيغام آهي ته ڀارت غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ هڪ طرفه قدم کنيا. بالاڪوٽ تي حملو ڪيو، ڀارت جي قدمن سان پاڪستان سميت پاڙيسري ملڪن کي سنگين خطرا آهن. عالمي برادريءَ کي ان جو تدارڪ ڪرڻ گهرجي، ڀارت جي قدمن تي دنيا جي خاموشي نه رڳو خطي پر پوري دنيا لاءِ خطرناڪ آهي، اهو هڪ سنگين معاملو آهي، ڇاڪاڻ ته ڀارت مذهبي انتهاپسندن جي قبضي ۾ آهي. هن چيو ته اسان کي خطي ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. حنا رباني کر چيو ته پاڪ- افغان سرحد تي پيش آيل هاڻوڪي واقعي جهڙا سانحا ٻيهر پيش نه اچن. هن چيو ته ملڪي سلامتي اولين ترجيح آهي، حڪومتن جي تبديليءَ باوجود ملڪي مفادن جي پاليسين جو تسلسل جاري رهندو آهي، گذريل حڪومت جي اسلاموفوبيا جي حوالي سان پاليسيءَ تي عمل جاري آهي.