اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي سياست ۾ ڪرپشن کي انتقام جو ذريعو بڻائڻ جو رواج ختم ڪرڻو پوندو، گذريل دور ۾ جهڙي طريقي سان ڪرپشن جا ڪوڙا الزام هڻي سياسي مخالفن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو ان جو مثال نه ٿو ملي، ڪرپشن کي ذاتي انتقام جي ور چاڙهڻ جي لاءِ هٿيار طور استعمال ڪيو ويو، ادارن کي ڪرپشن جي نالي تي استعمال ڪرڻ بند ڪرڻو پوندو، معاشي قدرن جو زوال ڪنهن به معاشري ۾ ڪرپشن جي شرح وڌائي ٿو. ڪرپشن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم چيو ته 2022ع ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي ڪرپشن جي ڪنهن به ملڪ جي سلامتي، امن ۽ ترقي سان سڌوسنئون تعلق اجاگر ڪيو پيو وڃي. ڪرپشن سان ملڪ ۽ قوم جو قيمتي پئسو نه رڳو شرپسند عنصرن جي هٿن ۾ وڃڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو جنهن سان ملڪ جو امن تباهه ٿئي ٿو پر ان سان ادارا ڪمزور ۽ ماڻهن جو گورننس تان اعتبار کڄي وڃي ٿو، اڄ جو ڏينهن ان وچن کي ورجائڻ جو به ڏينهن آهي ته اسان سڀ پاڪستاني گڏجي ڪرپشن سان جنگ ۾ سرخرو ٿيون. مسلم ليگ (ن) سدائين ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عملي قدم کنيا، 2013ع کان 2018ع مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي دور ۾ نه رڳو ملڪ ۾ ڪرپشن جي شرح هيٺ آئي جنهن جو گواهه عالمي اداري ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جو انڊيڪس آهي، پر وفاقي ۽ پنجاب صوبي جي سطح تي اربين ڊالر جي سي پيڪ ۽ ٻيا ترقياتي منصوبا شروع ڪري پڄاڻي تائين پهچايا پر ڪو به ان ۾ هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته اڄ جي ڪرپشن جي خاتمي جي ڏينهن تي آئون ان ڳالهه تي به زور ڏيندس ته پاڪستان جي سياست ۾ ڪرپشن کي انتقام جو ذريعو بڻائڻ جو رواج ختم ڪرڻو پوندو، گذريل دور ۾ جهڙي طريقي سان ڪرپشن جا ڪوڙا الزام هڻي سياسي مخالفن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو ان جو مثال نه ٿو ملي، ڪرپشن کي ذاتي انتقام جي ور چاڙهڻ جي لاءِ هٿيار طور استعمال ڪيو ويو، ان روايت کي ختم ٿيڻ گهرجي ته جيئن ادارن کي رڳو ڪرپشن جي نالي تي استعمال ڪرڻ بدران صحيح معنيٰ ۾ ملڪ ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ ادارن کي مضبوط ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته ڪرپشن هڪ تمام وڏو قومي مسئلو آهي، اسان کي پنهنجي سياسي ڳالهه ٻولهه ۾ به ان ڳالهه جو ڌيان رکڻ جي ضرورت آهي ته ان کي سياسي نعريبازي ۽ پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ استعمال ڪرڻ بدران سنجيدگي سان ان جي ملڪ مان خاتمي جي قدمن تي گڏجي ڪم ڪريون. هن چيو ته ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي هڪ واضح حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سياسي بيان بازي بدران ان جو موثر انداز ۾ مقابلو ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان کي اسلام جي سنهري اصولن تي عمل ڪندي ملڪ مان ڪرپشن جي گهٽتائي جي لاءِ ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو، سماجي تحفظ ۽ معاشرتي قدرن سان گڏوگڏ قانون جي بالادستي يقيني بڻائڻي پوندي، قائد جي ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو تڏهن ئي پاڪستان ترقي جي سنگ ميل عبور ڪري سگهندو، هن چيو ته اچو ته ڪرپشن جي خاتمي جي هن عالمي ڏهاڙي تي اهو وچن ڪريون ته اسان گڏجي ان خواب کي پورو ڪنداسين.