APP60-311022 ISLAMABAD: October 31 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif announcing Kisaan Package in a press conference. APP/TZD/MOS

اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ زرعي ترقي ۽ آبادگارن جي ڀلائي کي لازمي قرار ڏيندي آبادگارن جي لاءِ 1800 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي تاريخي قومي زرعي پئڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت 5 سالن تائين استعمال ٿيل ٽريڪٽر درآمد ڪري سگهبا، ٽي لک ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ بنا وياج قرض فراهم ڪنداسين، آبادگارن جي لاءِ 13 رپيا في يونٽ فڪسڊ قيمت تي بجلي فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، طارق بشير چيما، راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب ۽ مرتضيٰ محمود سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان 40 لک ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿيا، وفاق 70 ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ 18 ارب رپيا اين ڊي ايم اي جي ذريعي ورڇ ڪيا آهن، آبادگارن کي 1800 ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 400 ارب رپيا وڌيڪ آهن، ننڍن آبادگارن جي قرض ۾ ريليف جي لاءِ 10 ارب 60 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، متاثر علائقن ۾ ننڍن صوبن کي صوبائي حڪومت سان گڏجي 8 ارب 60 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا، ڳوٺاڻن علائقن ۾ بيروزگار نوجوانن کي قرض پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو آهي ان جي لاءِ 50 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ان تي 6 ارب 40 ڪروڙ رپين جي سبسڊي ڏني ويندي. هن چيو ته ڊي اي پي جو زرعي پيداوار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار آهي، اسان ٻاهران مهانگي گئس خريد ڪري فرٽيلائيزر ڪمپنين کي سستي اگهن تي مهيا ڪريون ٿا، ان تي اسان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ 2500 رپيا في ٻوري قيمت گهٽ ڪرائي آهي، ان سان آبادگارن کي 58 ارب رپين جو فائدو ٿيندو، هاڻي 11 هزار 250 رپيا في ٻوري دستياب هوندي جيڪا 14 هزار رپيا جي لڳ ڀڳ هئي، جن وزيرن ۽ آفيسرن اها رقم گهٽ ڪرائي آهي انهن کي عوامي تحسين ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ کان متاثر علائقن جي لاءِ سرٽيفائيڊ ٻج جي 12 لک ٿيلهن جي فراهمي جي لاءِ 13 ارب رپيا رکيا ويا آهن ان ۾ وفاق ۽ صوبا 50، 50 سيڪڙو حصو وجهندا، ٻوڏ سٽيل علائقن جي بي زمين هارين جي لاءِ بنا وياج 5 ارب رپيا قرض سبسڊي ڏني ويندي، پي آٰئي يو 4 هزار مان وڌائي 10 هزار تائين ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي بنياد تي هاڻي آبادگار وڌيڪ قرض وٺي سگهندا، ايس ايم ايز معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي هوندي آهي، ان جي لاءِ بئنڪ قرض فراهم نه ڪنديون هيون ۽ ناڻي واري وزير بئنڪن کي چيو ته اهي انهن کي قرض فراهم ڪن، انهن کي ان حوالي سان پابند ڪيو وڃي ته اهي ايس ايم ايز کي قرض ڏين، بئنڪ حڪومتي بانڊز تي منافعو وٺي پنهنجي آمدني جي لاءِ آسانيون ڳولين ٿيون، ان جي لاءِ 10 ارب رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، ٽي لک ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ بنا وياج قرض ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته ايس ايم ايز کي زرعي شعبي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ هن وقت ٽريڪٽر تي اجاره داري آهي، ان جي قيمت عام آبادگار جي پهچ کان ٻاهر آهي، ٽريڪٽر درآمد تي پابندي هنئي وئي آهي، اسان ٽريڪٽرن جون قيمتون گهٽ ڪرائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر انهن پاران انڪار ڪيو ويو، اهو هڪ مشڪل وقت هو، اهڙي وقت ۾ انهن کي اڳتي وڌڻ گهرجي ها، حڪومت مجبور ٿي اهو فيصلو ڪيو آهي ته 5 سالن تائين استعمال ٿيل ٽريڪٽر درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي، ان تي انهن کي 50 سيڪڙو ڊيوٽي ۾ ڇوٽ ڏني ويندي ته جيئن زرعي شعبو اڳتي وڌي. وزيراعظم چيو ته 5 لک ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي جنهن مان 2 لک ٽن اچي چڪي آهي، صنعت واري وزير ان جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي ڪرائي، ڪڻڪ ۽ کنڊ جي درآمد ۽ برآمد جي حوالي سان گذريل حڪومت جي موجوده حڪومت سان ڀيٽ ڪئي وڃي، ٽي لک ٽن وڌيڪ يوريا جي درآمد جو انتظام ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ يوريا جي مد ۾ 30 ارب رپيا مختص ڪئي وئي آهي ته جيئن آبادگار کي سستي يوريا ملي سگهي. اي پي پي جي رپورٽ موجب وزيراعظم چيو ته ٽريڪٽرسازي ۾ نئين انٽرپرينيور جي آجيان ڪنداسين، انهن کي ٻاهرئين ملڪ مان پرزن جي درآمد تي ڊيوٽي ۾ 35 سيڪڙو کان ڇوٽ ڏئي 15 سيڪڙو ڪنداسين، انهن کي مراعتون ڏينداسين ته جيئن انهن جي حوصلا افزائي ٿئي ۽ اهي هتي سيڙپڪاري ڪن، 40 سالن ۾ ان شعبي مان اربين رپيا ڪمايا ويا، اهو طئي هو ته مرحليوار ٽريڪٽر اندرون ملڪ مڪمل طور تي تيار ڪيا ويندا جڏهن ته اڄ تائين سئو سيڪڙو مقامي سطح تي ٽريڪٽر تيار نه ٿي رهيا آهن، ٽريڪٽر جي تيار ڪندڙن جي لاءِ ضروري هو ته اهي مقامي سطح تي اوزارن جي تياري جي لاءِ قدم کڻن، 40 سالن ۾ 90 سيڪڙو تائين ٽريڪٽر جا پرزا مقامي سطح تي تيار ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ ڀاڻ بليڪ ۾ وڪرو ٿيڻ سان نه ملي رهي هئي ان جي لاءِ مجبور ٿي ٻاهران گهرائڻي پئي، اسان 26 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن مان 10 لک اچي چڪي آهي، سڀ کان وڌيڪ واڪ ڏيندڙن کان به گهٽ قيمت ڪرائي وئي ان تي لاڳاپيل وزيرن کي شاباس ڏيان ٿو، اهو قومي عزم جو مثال آهي، ڪڻڪ جي ملڪ ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، صوبا جڏهن چاهيندا انهن کي ڪڻڪ فراهم ڪنداسين، اسان ڊالر بچائڻ جي لاءِ نجي شعبي کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ڇو ته جڏهن اجتماعي ڪوششون ٿي رهيون آهن ته ان سان ڊالر ٻاهر وڃڻ کان بچي رهيو آهي، جڏهن سٺو وقت ايندو ته نجي شعبو درآمد ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ بجلي سان هلندڙ 3 لک ٽيوب ويل آهن، اسان وڏي پئماني تي سولر منصوبي طرف وڃي رهيا آهيون، 10 هزار ميگاواٽ بجلي حاصل ڪرڻ جو منصوبو آهي، آبادگارن کي مهانگي بجلي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ 3 لک ٽيوب ويلز جي سولر تي منتقلي جي لاءِ بنا وياج قرض فراهم ڪنداسين، ان تي وياج حڪومت ادا ڪندي، جيڪڏهن ڪڻڪ ۽ جنسون ٻاهران درآمد ڪنداسين ته ان تي ڪروڙي ڊالر ٻاهر ويندا ۽ اسان ان کي برداشت نه ٿا ڪريس گهون، حڪومت سمورين مشڪلاتن جي باوجود پئڪيج ڏنو آهي، چين جي دوري تي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ ان شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندس، سولر لڳائڻ کانپوءِ بجلي جو بل ڏيڻ بدران آبادگار قرض جي قسط فراهم ڪندو، اهو آبادگار جي لاءِ تمام وڏو ريليف آهي، اهو مخلوط حڪومت جو وڏو فيصلو آهي. وزيراعظم چيو ته آبادگار کي بجلي جي 13 رپيا في يونٽ فڪسڊ قيمت وٺنداسين، ان تي 43 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي، ان تاريخي پئڪيج تي سمورين اتحادين پارٽين جي اڳواڻن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، ان تاريخي پئڪيج تي لفظ بلفظ عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، ان سان 4 کان 6 مهينن ۾ زرعي معيشت توانا ٿيڻ سان قومي معيشت ۾ جان پوندي، پاڪستان جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته معيشت جي حوالي سان قرض ادا ڪرڻ اسان جو فرض هو جنهن جي لاءِ اسان ننڍي ڪوشش ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن)ج ي حڪومت 100 يونٽ تائين بل معاف ڪيا ۽ ان جي لاءِ حمزه شهباز شريف 100 ارب رپيا رکيا هئا، ان پئڪيج کي برباد ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته مافيا ۽ ڪارٽيل کي ٽوڙڻ نج صوبائي معاملو آهي، پنجاب ۾ جڏهن منهنجي حڪومت هئي ته اٽي جي قيمت ۾ معمولي اضافي تي حڪومت ۽ انتظاميا حرڪت ۾ ايندي هئي، صوبائي حڪومتون پرائيس ڪنٽرول ڪميٽين کي فعال ڪن ۽ اجائي منافعي جو خاتمو ڪن، اهو نج صوبائي معاملو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ان پئڪيج جو مقصد اربين ڊالر جي فوڊ امپورٽ کي گهٽ ڪرڻ آهي. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته آبادگارن کي جيڪو پئڪيج ڏنو ويو آهي اها وقت جي ضرورت هئي، ان سان آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ معاهدي تي ڪو فرق نه پوندو. وزيراعظم هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ٻاهرئين دنيا مان سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ ٽريڪٽر جي پيداوار جي لاءِ سيڙپڪاري جي کليل آڇ آهي، صوبن کي توسيعي زراعت جي پروگرام کي بحال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گهٽ قيمت تي ڪڻڪ جي درآمد جو بنيادي مقصد عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻو آهي، اسان جيڪا ڪڻڪ اڳ ۾ خريد ڪئي اها 500 ڊارل جي حساب سان هئي جڏهن ته هاڻي ان جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي ۽ ان جي قيمت 370 ڊالر تي اچي چڪي آهي، تيل جي درآمد تي اسان جا اربين ڊالر لڳن ٿا، ان کان بچڻ جي لاءِ مقامي سطح تي زرعي پيداوار وڌائڻ جي ضڙورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اين ڊي ايم اي پاران پنجاب جي متاثر علائقن ۾ وفاق پاران 25 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪيا ويا جڏهن ته باقي صوبن وانگر متاثرين کي امدادي سامان پڻ فراهم ڪيو ويو، اهو رڪارڊ جو حصو آهي. ڪمند جي ڪريشنگ نه هجڻ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته وفاق چاهيندو ته فوري طور تي اها ڪريشنگ ملون شروع ڪن، اهو صوبائي معاملو آهي، اسان جي پنجاب حڪومت جي دور ۾ ان تي گهري نظر هوندي هئي، اسان وٽ سرپلس کنڊ شگر ملز جي ڪريشنگ سان مشروط هوندي، احتجاج ڪندڙ آبادگارن سان هر سطح تي ڳالهيون ٿيون. وزيراعظم چيو ته اسحاق ڊار ماليات جو هڪ ڏاهو ماهر آهي، هو تمام گهڻو محنتي ماڻهو آهي، ان کي مشڪل سان راضي ڪري هتي آندو آهي، مون پنهنجي وزارت اعليٰ جي دور ۾ جعلي زرعي دوائن جو خاتمو ڪيو، صوبا ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن.