APP44-120922 ISLAMABAD: September 12 - President Dr. Arif Alvi conferring the award of Nishan-e-Imtiaz (Military) upon Admiral Tan Sri Mohd Reza bin Mohd Sany, Chief of the Royal Malaysian Navy in recognition of his illustrious services focused towards Pakistan in a special investiture ceremony at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رائل مليشين نيوي جي سربراهه ايڊمرل تان سري محمد رضا بن محمد ساني کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو آهي. صدر مليشين نيول چيف کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ان جي اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ ايوارڊ سان نوازيو آهي. ايوارڊ عطا ڪرڻ جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. تقريب جي شروعات قومي تراني ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي. تقريب ۾ پاڪستان ۽ مليشين سامونڊي فوج جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.