APP22-210622 ISLAMABAD: June 21 - Prime Minister Shehbaz Sharif chairs Federal Cabinet Meeting. APP

اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وفاقي ڪابينا مقامي ۽ عالمي سڪوڪ پروگرام، ڪوورنا جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ انجيڪشنز جي قيمت ۾ گهٽتائي، ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ تحت اپيلن جي شنوائي جي لاءِ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم آبادگارن کي گهٽ اگهن تي يوريا ڀان جي وقت سر فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم چيو ته انڊونيشيا پاران پاڪستان کي پام آئل برآمد نه ڪرڻ جي فيصلي کانپوءِ هي بحراني ڪيفيت لازمي هئي. هن انڊونيشيا جي صدر کي خط لکيو ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود کي درخواست ڪئي ته هو ان معاملي کي ذاتي طور تي ڏسي، خوشي آهي ته صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير پنهنجي ذاتي خرچ تي انڊونيشيا جو دورو ڪيو ۽ سندس اڻٿڪ ڪوششن کانپوءِ اهو مسئلو حل ٿيو ۽ انڊونيشيا پاڪستان کي ترجيحي بنيادن تي پام آئل جي برآمد شروع ڪري ڇڏي آهي، آئون کيس ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ سندن ٽيم جي ڪوششن کي پڻ ساراهيان ٿو جن جي محنت ۽ لگن سان ايف اي ٽي ايف جو مسئلو حل ٿيو، اسان بطور اپوزيشن ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سمورين لاڳاپيل وزارتن خاص طور تي ناڻي واري وزارت ۽ پرڏيهي وزارت ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، بنا ڪنهن شڪ جي اهو گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. 2019ع ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل هيڊڪوارٽر ۾ به هڪ ڪور سيل قائم ڪيو، جنهن سمورين وزارتن ۽ کاتن جي ڪوششن کي ٺوس ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪابينا کي گهرجي ته اها سمورن لاڳاپيل ادارن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪري ڇو ته انهن جي گڏيل ڪوششن کانسواءِ اها ڪاميابي حاصل ڪرڻ ممڪن نه هو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جو معاملو غور هيٺ آيو. صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ڪابينا کي سمورن تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آبادگارن کي گهٽ اگهن تي وقت سر يوريا ڀان جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل عملدارن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ 2013ع جي سيڪشن 21 تحت اپيلن جي شنوائي جي لاءِ ڪميٽي جي نئين سر تنظيم سازي جي منظوري ڏني، نئين سر تنظيم سازي کانپوءِ واپار وارو وزير ٽي رڪني ڪميٽي جو ڪنوينر جڏهن ته صنعت ۽ پيداوار وارو وزير ۽ هوابازي ۽ ريلوي وارا وزير ان جا ميمبر هوندا. ڪابينا ناڻي ڊويزن جي سفارش تي مقامي ۽ عالمي اجاره سڪوڪ پروگرام جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي ڪورونا جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ mg 100 Remdesivir Injections جي قيمت کي 2308.63 رپين مان گهٽ ڪري 1892 رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا کي يورپي يونين پاران پاڪستان کي ڏني ويندڙ جي ايس پي پلس سهولت جي اهميت، افاديت ۽ اهم مقصدن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته جي ايس پي پلس پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تمام ڪارائتو آهي ڇو ته جي ايس پي پلس جي سهولت ملڻ کانپوءِ ان جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ٿيو. ڪابينا کي ان سلسلي ۾ اداراجاتي انتظامن بابت تفصيل سان ٻڌايو ويو. جي ايس پي پلس تحت يورپي ڪميشن پاران 9 ترجيحي شعبن ۾ 4 ڪلسٽرز ۽ 27 عالمي ڪنوينشنز جي نشاندهي ڪئي وئي. انهن ڪلسٽرز ۾ انساني حق، ليبر حق، موسمياتي تبديلي ۽ گورننس شامل آهن. ڪابينا کي انهن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ تجويز ڪيل نئين اي يو جي ايس پي اسڪيم (2034 – 2024) جي نمايان مقصدن کان آگاهه ڪيو ويو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته لاڳاپيل وزير يورپي يونين عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهن. اها ڳالهه به اطمينان جوڳي آهي ته موجوده اتحادي هڪومت ۾ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي موجود آهي تنهن ڪري اسان اتفاق راءِ سان پاڪستان جي لاءِ جي ايس پي پلس جي لاڳو شرطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهون ٿا. ان سان پاڪستاني روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو ۽ يورپي منڊين تائين پاڪستاني شين جي پهچ ممڪن ٿي سگهندي. گذريل حڪومت پاڪستان جي قومي مفاد جي عيوض پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ اولهه خاص طور تي يورپ سان مخصامت کي هوا ڏني. اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته يورپي يونين موجوده حڪومت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ڇو ته موجوده حڪومت معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽرين ڪابينا کي جي ايس پي جي لاڳو شرطن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ ضروري قانونسازي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ سموري ضروري قانونسازي يا ته مڪمل ٿي چڪي آهي يا مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي. وزيراعظم جي ايس پي پلس جي شرطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزيرن، صوبائي حڪومتن ۽ وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي ڪنهن به قسم جي معاونت جي لاءِ سندس آفيس سان رابطو ڪري سگهن ٿا جڏهن ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، انشاءَ الله اسان متحد ٿي ضرور ڪاميابي حاصل ڪنداسين.