چوڌري فواد حسين جي سرفراز خان بلوچ جي گهر آمد، وارثن سان تعزيت جو اظهار

فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مشهور سماجي شخصيت محمد انور خان جي فرزند سرفراز خان بلوچ جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس گهر ويو ۽ مرحوم سرفراز خان بلوچ جي ڀاءُ ڊاڪٽر خالد امتياز بلوچ ۽ ڌيءَ محمل سرفراز سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي بلند درجن ۽ پوئينرن …

فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مشهور سماجي شخصيت محمد انور خان جي فرزند سرفراز خان بلوچ جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس گهر ويو ۽ مرحوم سرفراز خان بلوچ جي ڀاءُ ڊاڪٽر خالد امتياز بلوچ ۽ ڌيءَ محمل سرفراز سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.ان موقعي تي اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هو. هن به مرحوم سرفراز خان بلوچ جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي.

مزید خبریں