موسمياتي تبديلي عالمي مسئلو آهي، ان سبب اهي ملڪ متاثر آهن جيڪي ان جا ذميدار به ناهن، دنيا کان پنهنجو حق وٺي رهنداسين: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي عالمي مسئلو آهي، جنهن سبب گليشيئر تيزيءَ سان پگهرجي رهيا آهن، ان تبديلي سان وڌيڪ متاثر ملڪ اهي آهن جيڪي ان جا ذميدار نه آهن، اسان موسمياتي تبديلي بابت پنهنجو ڪيس عالمي سطح تي کڻي ويا آهيون ۽ پنهنجو حق وٺي رهنداسين، موسمياتي تبديلي کي مُنهن ڏيڻ …

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي عالمي مسئلو آهي، جنهن سبب گليشيئر تيزيءَ سان پگهرجي رهيا آهن، ان تبديلي سان وڌيڪ متاثر ملڪ اهي آهن جيڪي ان جا ذميدار نه آهن، اسان موسمياتي تبديلي بابت پنهنجو ڪيس عالمي سطح تي کڻي ويا آهيون ۽ پنهنجو حق وٺي رهنداسين، موسمياتي تبديلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هر طبقي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڏُکئي وقت لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي دؤري تي وفاقي وزيرن سان نيوز بريفنگ کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ گرين هائوس گيسن جي وڏن نيڪال ڪندڙ ملڪن ۾ شامل ناهي، جڏهن ته موسمياتي تبديلين جا تباهي آڻيندڙ اثر سڀ کان وڌيڪ پاڪستان جهڙو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته دنيا جا 3 ملڪ 57 سيڪڙو جڏهن ته 10 ملڪن 70 سيڪڙو گرين هائوس گيسون پيدا ڪري رهيا آهن، جنهن سبب گرمي پد ۾ واڌ، گليشيئرز جو بي وقتائتو پگهرجڻ، ٻوڏ ۽ وڏي پيماني تي تباهي جهڙا مسئلا جنم وٺي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته گذريل ٻوڏن ۾ 6 هزار فوتگيون ٿيون، 20 هزار ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته 4 ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيا، جيڪي يورپ جي اڪثر ملڪن جي آباديءَ کان تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪيس عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجو حق وٺي رهندو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت موسمياتي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، جنهن تحت فوڊ سيڪيورٽي، فنانسنگ، پلاننگ، انفارميشن ۽ پاڻيءَ سميت لاڳاپيل شعبن کي گڏايو ويو آهي ته جيئن سمورا فيصلا مربوط انداز ۾ ڪري سگهجن. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته انتظامي انضمام سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جو عمل به شروع ٿي چڪو آهي، جنهن تحت آرٽيفيشل انٽيليجنس، ڊيٽا سائنس، ڊرونز، سيٽلائٽس ۽ پاڻيءَ مان حاصل ٿيندڙ ڊيٽا کي گڏائي مؤثر فيصلا سازيءَ کي يقيني بڻايو پيو وڃي جنهن سان عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهبيون. هن چيو ته شهرن ۾ سخت گرمي ۽ هيٽ آءِ لينڊ جهڙن اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پڻ صوبن جي سهڪار سان خاص حڪمتِ عملي تيار ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته غذائي تحفظ جي حوالي سان ميداني علائقن لاءِ به ڌار رٿابندي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڻي جي اثرائتي انتظام ۽ غذائي تحفظ لاءِ ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي وقت سر ريگيوليشن به اڻٽر آهي ته جيئن ربيع ۽ خريف جي فصلن دوران ضرورتن موجب پاڻي دستياب ٿي سگهي. هن چيو ته پاڻيءَ جي ريگيوليشن، ٽيلي ميٽري نظام ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ بابت مسئلن جي حل لاءِ حڪومت پُرعزم آهي. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ اها بنيادي طور تي صوبائي ذميداري آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت هر ممڪن فني معاونت ۽ سهولت فراهم ڪندي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ ان عزم جو اظهار ڪيو ته وفاقي حڪومت صوبن سان مڪمل سهڪار ڪندي موسمياتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ، جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال، پاڻيءَ جي اثرائتي انتظام ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا امڪاني قدم جاري رکندي.

مزید خبریں