وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ويٽ بورڊ جو اعليٰ سطحي اجلاس

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين ويٽ بورڊ جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي، ورهاست جي حڪمت عملي ۽ صوبن جي ضرورتن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفط ۽ تحقيق واري وزارت جي سيڪريٽري عامر علي احمد، زراعت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر، زراعت ۽ خوراڪ جي …

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين ويٽ بورڊ جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي، ورهاست جي حڪمت عملي ۽ صوبن جي ضرورتن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفط ۽ تحقيق واري وزارت جي سيڪريٽري عامر علي احمد، زراعت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر، زراعت ۽ خوراڪ جي سمورن صوبن جي سيڪريٽرين، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي نمائندن، وزارت جي سينيئر عملدارن، پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي نمائندن ۽ ٻين ڌُرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاسڪو جي ذخيرن سان صوبن جي ڪڻڪ جي ضرورتن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته صوبن جي مجموعي طلب پاسڪو جي دستياب ذخيرن کان وڌيڪ آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي صوبن سان صلاح مشورا ۽ انهن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي اٽڪل 10 لک ٽن ڪڻڪ آمدني واپار ڪرڻ جي عمل تي غور ڪيو پيو وڃي. واضح ڪيو ويو ته آمدني واپار جي ڄاڻايل مقدار صوبن طرفان پيش ڪيل ضرورتن جي بنياد تي طئي ڪيو وئي آهي، جنهن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي بنا رنڊڪ فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ ۽ قومي غذائي تحفظ کي مستحڪم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته امپورٽ واري عمل دوران سمورن صوبن کي مڪمل اعتماد ۾ ورتو ويندو، خاص ڪري امپورٽ ڪيل ڪڻڪ جي معيار ۽ فني خصوصيتن جي حوالي سان. هن وڌيڪ چيو ته امپورٽ ڪيل ڪڻڪ صوبن ۾ ان جي ضرورتن موجب ورهائي ويندي ته جيئن شفاف، انصاف ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي. رانا تنوير حسين ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته وفاقي حڪومت سمورن وفاقي يونٽن سان ويجهي سهڪار ذريعي ڪڻڪ جي مستحڪم فراهمي، صارفين جي مفادن جي تحفظ ۽ سڄي ملڪ ۾ وقت سر دستيابيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سمورا انتطامي انتظام اثرائتي انداز ۾ ۽ صوبن سان مڪمل رابطن ذريعي جلد کان جلد مڪمل ڪيا وڃن.

مزید خبریں