ڪويت جو پرڏيهي وزير سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) ڪويت جو پرڏيهي وزير سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ڪويت جو پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي. اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (وچ اوڀر) زاهد حسين معزز مهمان جو استقبال ڪيو. …

اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) ڪويت جو پرڏيهي وزير سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ڪويت جو پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي. اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (وچ اوڀر) زاهد حسين معزز مهمان جو استقبال ڪيو. دوري دوران پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصليي ڳالهه ٻولهه ٿيندي جڏهن ته ٻئي ملڪ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي وزارت موجب اهو دورو پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل تاريخ، گڏيل اعتماد ۽ ويجهي تعاون جي عڪاسي ڪري ٿو.

مزید خبریں