اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته جاچ هيٺ جوابدارن جون وڊيو ليڪ ڪرڻ عدالتي نظام جي ڀڃڪڙي آهي ۽ انصاف جو قتل آهي، ڪنهن کي حق نٿو پهچي ته جوابدارن جو ميڊيا ٽرائيل ڪرائي، قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران سيد نويد قمر طرفان اٿاريل نقطن جا جواب ڏيندي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته ڪٽوتي جي رٿ تي بحٿ صرف ان وزارت جي باري ۾ ٿيندي آهي جنهن تي ڳالهه جاري هجي، ٻي صورت ۾ آزاد بحث جو ڪو به جواز نٿو بڻجي، پارلياماني روايتن جو خيال رکڻ گهرجي، هن چيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ ٽي وڊيوز ليڪ ڪيون ويون آهن، گهرو وزارت جي ذميداري قرار ڏنو پيو وڃي، ڪنهن به صوبي ۾ قانون ۽ انتظامي ذميداري لاڳاپيل صوبي جي هوندي آهي.