APP28-300321 DUSHANBE: March 30 - Foreign Minister Makhdoom Shah Mahmood Qureshi called on Afghan President Ashraf Ghani on the sidelines of the 9th Ministerial Conference of the Heart of Asia-Istanbul Process. APP

دوشنبي-30 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي تاجڪستان جي گاديءَ واري شهر دوشنبي ۾ منعقد نائين ”هارٽ آف ايشيا- استنبول پراسيس ڪانفرنس“ جي موقعي تي افغانستان جي صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران پاڪ- افغان ٻه طرفن لاڳاپن، افغان امن عمل سميت گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته خطي خاص ڪري افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڪيل ڪاوشن ۾ هارٽ آف ايشيا- استنبول پراسيس جي وزارتي اجلاس جو منعقد ٿيڻ هڪ هاڪاري ۽ سٺو قدم آهي.