APP22-240221 COLOMBO: February 24 – Prime Minister Imran Khan addresses Pakistan - Sri Lanka Trade & Investment Conference. APP

اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خطي جي عوام کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ واپاري لاڳاپن جو فروغ اڻٽر آهي، يورپي يونين جي طرز تي اسان کي خطي ۾ واپاري لاڳاپا هموار ڪرڻا پوندا، مسئلن جو حل جنگ بدران ڳالهين ۾ آهي، پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ ويڇي ۾ ماضي وانگر هڪ دفعو ٻيهر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، سريلنڪا جي واپاري برادري کي سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيان ٿو، پاڪستان ۾ مذهبي ماڳن سميت سياحت جا بي پناهه موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پهرين پاڪستان سريلنڪا ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سريلنڪا جي وزيراعظم مهندرا راجا پاڪسي به موجود هو. وزيراعظم چيو ته هو غربت جي خاتمي جو مقصد کڻي سياست ۾ آيو، 25 سال پهرين هن پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪيو ۽ ڪينسر اسپتال شروع ڪئي ڇو ته ڪينسر جو علاج تمام گهڻو مهانگو هجڻ جي ڪري عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر هو، فلاحي ڪم ڪندي مون کي احساس ٿيو ته پاڪستان جي عوام جي اڪثريت غربت، غذائي کوٽ، ناڻي واڌ جو شڪار آهي، پاڪستان ۽ سريلنڪا کي هڪجهڙا مسئلا درپيش آهن، هن چيو ته سريلنڪا جي صدر سان گذريل ڏينهن مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ساڻس سير حاصل ڳالهه ٻولهه ٿي. مون چين جي دوري دوران اهو ڏٺو ته هنن هول سيل ۽ ريٽيل ۾ فرق کي ٽيڪنالاجي جي ذريعي گهٽ ڪيو ته جيئن عام ماڻهو کي سهولت حاصل ٿئي، هن چيو ته سيڙپڪاري جي ذريعي اسان غربت ۾ گهٽتائي آڻي سگهون ٿا، ڪاروبار کي آسان بڻائڻ ۽ روانگي واپار وڌائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، هن چيو ته چين 35 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، اها وڏي ڪاميابي آهي، ڪاروباري سرگرمين جو مقصد دولت جي پيداوار ۽ غربت جو خاتمو آهي، سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪري اسان غربت جو خاتمو ڪري سگهون ٿا، وزيراعظم چيو ته سياسي استحڪام ۽ پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپا به غربت ۾ گهٽتائي جو ذريعو آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي، دهشتگردي سيڙپڪاري ۽ سياحت جي لاءِ خطرو آهي، مون اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ڀارت سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ڪوشش ڪئي ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ڳالهين جي دعوت ڏني پر اسان کي ڪاميابي نه ملي سگهي.