اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي سريلنڪا جي دوري جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان وفاقي وزيرن، سينيئر سرڪاري عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد سان گڏ سريلنڪا جي صدر گوتابايا راجا پاڪسي جي دعوت تي سريلنڪا جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جو اهو سريلنڪا جو پهريون دورو هو. ڪولمبو اچڻ تي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ٻه ڏينهن رهڻ دوران وزيراعظم عمران خان وفدن جي سطح تي سريلنڪا جي صدر گوتابايا راجا پاڪسي ۽ وزيراعظم مهندرا راجا پاڪسي سان ملاقاتون ڪيون، ٻنهي ملڪن تعاون جي مختلف شعبن ۾ گهڻ رخي لاڳاپن جو تفصيل سان نئين سر جائزو ورتو. ڳالهيون گڏيل اعتماد ۽ احترام جي بنياد تي خوشگوار ماحول ۾ ٿيون. ڌرين تازو ئي پرڏيهي سيڪريٽرين جي سطح تي ٻطرفي سياسي مشاورت، گڏيل اقتصادي ڪميشن سيشن ۽ ڪامرس سيڪريٽريز جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ، ويجهي ۽ مسلسل مشاورت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. ڌرين ٺوس طريقيڪار تحت تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، لاڳيتو ملاقاتون ڪرڻ، اعليٰ سطحي ۽ وفدن جي سطح تي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ، مشاورت جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ تعاون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان پرامن پاڙيسريت ويزن تحت سريلنڪا جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پاڪستان پاران تعاون کي ورجايو. ڌرين ثقافتي رابطن کي فروغ ڏيڻ، انساني وسيلن جي ترقي ۽ مختلف شعبن ۾ صلاحيت وڌائڻ سان گڏوگڏ تعليمي ۽ فني تعاون جو پڻ جائزو ورتو. پاڪستان پاڪ سريلنڪا هايئر ايجوڪيشن ڪوآپريشن پروگرام (پي ايس ايل ايڇ اي سي پي) تحت طب (ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس) جي شعبي ۾ 100 اسڪالرشپ جو اعلان ڪيو جڏهن ته سريلنڪا انساني وسيلن جي ترقي ۽ صلاحيتن ۾ اضافي ۾ پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. ٻڌ آثار قديمه جي جاين جي حوالي سان مذهبي سياحت جي وسيع تر موقعن ۽ گنڌارا تهذيب سان قديم ۽ ثقافتي رشتن کي محسوس ڪندي ڌرين سياحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ان ۾ مهمان نوازي جي صنعت، بشمول تربيت ۽ صلاحيت ۾ اضافي سميت مهارت شيئر ڪرڻ جي فائدن کي اجاگر ڪيو. پاڪستان يونيورسٽي آف پيراڊينيه ڪينڊي ۾ ايشين تهذيب ۽ ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ٻنهي ڌرين عوام سان عوامي رابطن، سياحت، واپار ۽ ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ فضائي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت کي تسليم ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ نيون راهون ڳولڻ جي لاءِ، 24 فيبروري 2021ع تي هڪ اعليٰ سطحي پاڪ سريلنڪا ڪانفرنس ۾ ٻنهي ملڪن گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي اهميت کي ورجايو. ٻنهي ملڪن هڪ ارب آمريڪي ڊالر ساليانو ٻطرفو واپاري ڪاٿي جو هدف حاصل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ پاڪ سريلنڪا آزاد واپاري معاهدي کي وسيع ۽ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ان دوري دوران پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ سياحت، سيڙپڪاري بورڊ، صنعتي ٽيڪنالاجي انسٽيٽيوٽ (آءِ ٽي آءِ)، جمهوري سوشلسٽ جمهوريه سريلنڪا ۽ ڪيميڪل اينڊ بائيولوجيڪل سائنسز بابت انٽرنيشنل سينٽر، صنعتي ٽيڪنالاجي انسٽيٽيوٽ آف سريلنڪا ۽ ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد ۽ يونيورسٽي آف ڪولمبو، سريلنڪا ۽ لاهور اسڪول آف اڪنامڪس پاڪستان جي وچ ۾ تعاون بابت معاهدن تي صحيحون ٿيون.