حيدرآباد – 27 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي مطابق حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اڄ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي. موسميات کاتي مطابق گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8 سينٽي گريڊ ۽ وڌ ۾ وڌ 26 سينٽي گريڊ ۽ هوا ۾ گهم 72 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي مطابق ايندڙ ٻن ڏينهن دوران ڄاڻايل علائقن ۾ موسم ساڳئي ريت خشڪ ۽ ٿڌي رهندي.