APP66-261120 ISLAMABAD: November 26 - Prime Minster Imran Khan chairing the meeting on Karachi Transformation Plan. APP

اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان تحت منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي جي مسئلن جو مستقل بنيادن تي حل انتهائي ضروري آهي، قبضا هٽائڻ کان اڳ اتان جي مستحق رهواسين جي لاءِ اڳواٽ متبادل انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. هو ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.