APP29-20 ISLAMABAD: August 20 – Federal Minister for Information and Broadcasting Senator Syed Shibli Faraz along with Dr. Ishrat Hussain (Advisor on Institutional Reforms), Abdul Razzak Dawood (Advisor on Commerce), Zartaj Gul (MOS on Climate Change), Shehryar Afridi (Minister for SAFRON and Narcotics Control), Ali Muhammad Khan (MOS on Parliamentary Affairs) and SAPM on Climate Change Amin Aslam briefs the media regarding the two years performance of the Government. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا جي ميمبرن حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي بيان ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان نئين نسل جي مستقبل جو امين آهي، برآمدات ۾ اضافي سان موقعا به وڌندا، گذريل حڪومت هٿرادو طريقي سان ڊالر جي قيمت کي ڪنٽرول ڪيو ۽ ان مد ۾ 6 ارب ڊالر خرچ ڪيا، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب کان گهٽ ٿي ڪري 3 ارب ڊالر تائين اچي ويو جيڪو گڏيل ڪوششن سان ممڪن ٿيو، ڪووڊ 19 کان پهرين جنوري ۽ فيبروري ۾ ملڪي روانگي واپار ڊبل ڊجٽ تي اچي ويو هو، ڪووڊ 19 جي حالتون معمول تي اچڻ کانپوءِ وڌيڪ بهتري اچي وئي، ميڪ ان پاڪستان کي سپورٽ ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، پنج برآمدي شعبن کي مراعتون ڏنيون ۽ عالمي اگهن تي تيل ۽ گئس فراهم ڪئي، ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جو نمبر 166 هين درجي کان 108 تي اچي ويو آهي، اسٽريٽجڪ ٽريڊ پاليسي فريم ورڪ جي به منظوري ٿي چڪي آهي جنهن سان روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستا تحريڪ انصاف پهرين سياسي پارٽي آهي جنهن گرين منشور ڏنو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت صاف ۽ سرسبز پاڪستان جي جوڙجڪ لاءِ حڪومتي ڪوششن جي ڪاميابي جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو پيو وڃي، 10 بلين ٽرين سونامي، ڪلين گرين انڊيڪس، اليڪٽريڪل وهيڪل پاليسي، پلاسٽڪ بيگز تي پابندي ۽ حياتياتي تنوع جي لاءِ محفوظ علائقن جي تحفظ ۽ فروغ جي منصوبا شروع ڪرڻ موجوده حڪومت جي انقلابي قدم ٻه سالن ۾ کنيا ويا، وزيراعظم عمران خان سمورن شعبن ۾ سڌارن جي عزم تحت وفاقي حڪومت جي کاتن جو تعداد 440 کان گهٽ ڪري 324 ڪيو پيو وڃي، ڪنهن کي بيروزگار نه ڪنداسين، ملڪ جي بهتري جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻا آهن، وزيراعظم عمران خان انهي درد تحت قوم جو احساس ڪيو ۽ ملڪ ۾ مسافر خانا ۽ لنگر خانا قائم ڪيا، اسان سڀ عوام جي سامهون جوابده آهن، قانونسازي جي عمل کي وڌيڪ فعال ۽ موثر بڻائڻ چاهيون ٿا، اميد آهي ته مخالف ڌر سان قانونسازي جي حوالي سان ورڪنگ رليشن شپ سان بهتري ايندي، ملڪ ۾ منشيات ۽ مني لانڊرنگ جي لعنت تي موثر طور تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو ڊيٽا بئنڪ جوڙيو ويو ۽ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ منشيات جي اسمگلنگ جي روڪٿام بابت معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون جنهن سان منشيات جي روڪٿام سميت مني لانڊرنگ جي لعنت تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي آهي. خميس ڏينهن هتي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان، موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل، واپار واري وزير، واپار واري وزير عبدالرزاق دائود، موسمياتي تبدلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين سان گڏ حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ٽئين ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جا ٿورائتا آهيون جنهن عزم سان اسان جي ٻه سالا ڪارڪردگي کي ٻڌو ۽ وفاقي وزيرن طرفان پيش ڪيل ڪارڪردگي کي ڪوريج فراهم ڪئي، هن چيو ته اسان جي ڪوشش رهي آهي ته سمورا ڪابينا جا ميمبر هتي پيش ٿين ۽ پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل وزارت جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪن، ڊگهي ويهڪ سبب صحافين جا سوال به ورتا ويا پر انهن ۾ ڪجهه ڇڪ رهي جنهن جي لاءِ هڪ ميڪنزم ۽ ٽائيم شيڊول جاري ڪنداسين ته جيئن لاڳاپيل وزارتن جي بيٽ رپورٽرز پنهنجي لاڳاپيل وزيرن کان جواب طلب ڪري سگهن. اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته عوامي نمائندا سمورن قدمن کان عوام کي ضرور آگاهه ڪن ۽ ان سرگرمي جي انعقاد جو مقصد به اهو ئي هو ۽ اهو جمهوري حڪومت جي ذميداري به بڻجي ٿي، وزيراعظم عمران خان نئين نسل جي مستقبل جو امين آهي، مفاد پرستي ۽ اقربا پروري جي سياست آخري ساهه کڻي رهي آهي جنهن جي بازگشت مخالف ڌر جي تازي پريس ڪانفرنسن ۽ بيانن ۾ به ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي، اطلاعات واري وزير چيو ته ٻن سالن ۾ ملڪ کي تبديل ته نٿا ڪري سگهون پر ٺوس قدمن سان بهتري طرف گامزن ٿيا آهيون، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جڏهن پنج سال پورا ڪندي ته يقينن سان چئي سگهان ٿو ته ملڪ تبديل ٿي چڪو هوندو، معاشي حالتون بهتر ٿينديون ۽ ان جا ثمر عوام تائين منتقل ٿي رهيا هوندا، هن چيو ته ڪووڊ 19 جهڙن بحرانن جي باوجود ضروري شين جي کوٽ پيدا نه ٿيڻ ڏني، ذخيره اندوزي ۽ شين جون قيمتون وڌيڪ ضرور آهن، پر قيمتن کي گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏيڻ اسان جي زميداري آهي، ڪووڊ 19 ۾ ڪاميابين کانپوءِ بهترين ڏينهن اچڻ شروع ٿي ويا آهن، واپار کي فروغ ملي رهيو آهي ۽ معاشي اشارا بهتري طرف گامزن آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات چيو ته ميڊيا جي صورتحال خراب ملڪي معاشي صورتحال جي ڪري نجي شعبي جي اشتهارن سان گڏوگڏ سرڪاري اشتهارن ۾ به گهٽتائي ٿي پر هاڻي اقتصادي مشڪلاتون گذري چڪيون آهن ۽ بهترين وقت اچڻ وارو آهي ۽ اميد ڏياريان ٿو ته جهڙي طرح برآمدات وڌي رهيون آهن انهي طرح موقعا به وڌندا، هن چيو ته ميڊيا هائوسز جا 80 سيڪڙو بقايائون ادا ڪري چڪا آهيون، اسان جي خواهش آهي ته ميڊيا پنهنجو ذميداراڻو ڪردار ادا ڪندو رهي، هن چيو ته جيستائين ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن جي تبديلي جو سوال آهي، اسان جي ٽيم جو هڪ ڪپتان آهي ڪپتان جنهن رانديگر کي جتي کيڏائڻ چاهي اهو ان جو حق هوندو آهي ته هو ان ۾ ڦيرڦار ڪري، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماضي ۾ واپار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين رهي چڪو آهيان، اسٽريٽجڪ ٽريڊ پاليسي فريم ورڪ (ايس ٽي پي ايف) جو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آيو هو پر ان کانپوءِ ان تي ڪو به ڪم ناهي ٿيو، هاڻي اها پاليسي وزيراعظم کي موڪلي وئي آهي، اطلاعات واري وزير چيو ته ڪووڊ 19 جو بحران آيو ته هن پوري دنيا جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو پر اسان پنهنجي موثر حڪمت عملي سان همت نه هاري ۽ دنيا جي مقابلي ۾ پنهنجون معاشي سرگرميون جاري رکيون، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن جي جدوجهد جو محور سدائين ڪمزور طبقا رهيا آهن ۽ ان ڏکي وقت ۾ به ڏهاڙي دار مزدور طبقي جي مشڪلاتن جو احساس ڪندي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي وئي، تعميراتي شعبي جي فروغ لاءِ قدم کنيا ويا ته جيئن ڏهاڙيدار ۽ مزدور طبقو روزگار ڪمائي سگهي، هن چيو ته معاشي سرگرمين سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا آهن، اسان ادارن کي نئين گهرجن سان هم آهنگ بڻائي رهيا آهيون، هن چيو ته نوڪريون ڏيڻ افضل هوندو آهي پر نوڪريون وڪرو ڪرڻ نه، ماضي جي حڪومتن نوڪريون وڪرو ڪيون جنهن جي ڪري ادارا تباهه ٿيا ۽ ان حوالي سان ريڊيو، ٽي وي جو مثال سڀني جي سامهون آهي، معاشي سرگرمين جو آغاز ٿي ويو آهي، روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا، ميڊيا کي جڏهن اشتهار ملندا ته اميد آهي ته ان جا ثمر ميڊيا ورڪرز تائين به پهچندا، اسان ميڊيا انڊسٽري جا 80 سيڪڙو بقايائون ادا ڪري ڇڏيون آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته ڊجيٽل ميڊيا سان گڏوگڏ سائبر ڪرائمز بل لاڳو ڪرڻ لاءِ به قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته گذريل حڪومت هٿرادو طريقي سان ڊالر جي قيمت کي ڪنٽرول ڪيو ۽ ان مد ۾ 6 ارب ڊالر خرچ ڪيا. وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم چيو ته موسمياتي تبديلي دنيا کي درپيش ٽن وڏن چئلينجز مان هڪ آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر پنجن ملڪن ۾ شام آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ صورتحال جي سنگيني جو وقت سر ازالو ڪندي نه رڳو گرين منشور پيش ڪيو پر حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ان سلسلي ۾ تاريخي قدم کنيا آهن، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت پنج وڏا منصوبا شروع ڪيا آهن جيڪي ماحوليات جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا، ملڪ امين اسلم چيو ته 10 بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ عظيم منصوبو آهي تنهن هوندي به ان کي پوري ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ جي لاءِ سمورن وفاقي ڌرين کي گڏ ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج هو جنهن ۾ڪاميابي حاصل ٿي، هن چيو ته اهو منصوبو وفاق ۽ صوبن جي سهڪار سان پوري ملڪ ۾ لاڳو ڪيو پيو وڃي، منصوبي تحت 50 ڪروڙ ٻوٽا لڳايا ويا آهن جڏهن ته ايندڙ سال جون تائين هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو هدف حاصل ڪيو ويندو، هن چيو ته پهرين نرسرين ۾ پنج ڪروڙ ٻوٽا هئا ۽ هاڻي اهو تعداد 30 ڪروڙ هوندو، هن چيو ته ڪلين گرين اينڊيڪس معاشرتي سوچ جي تبديلي جو پروگرام آهي، صفائي نصف ايمان آهي ۽ اهو پروگرام ان تصور کي عام ڪندو، ان پروگرام تحت سبز ۽ صفائي جي حوالي سان 35 اشاريه متعين ڪيا ويا آهن، شروعاتي طورتي ان پروگرام کي 20 شهرن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان هلندڙ مهيني ان انڊيڪس جي نتيجن جو اعلان ڪندو، ملڪ امين اسلم چيو ته حڪومت آلودگي جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ لاءِ گاڏين کي بجلي تي منتقل ڪرڻ لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي متعارف ڪرائي آهي ڇو ته اها 21 هين صدي جي ضرورت آهي، پاليسي تحت گاڏين کي آهستي آهستي بجلي تي منتقل ڪيو ويندو جنهن سان گاڏين مان نڪرندڙ ڌهون سان پيدا ٿيندڙ آلودگي ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته ماحول کي صا رکڻ جي لاءِ موجوده حڪومت جو هڪ ٻيو انقلابي قدم پلاسٽڪ بيگز تي پابندي لاڳو ڪرڻ هو، ان جو آغاز وفاقي حڪومت اسلام آباد کان ڪيو جنهن جي تقليد ڪندي صوبن به قانونسازي ڪري پلاسٽڪ بيگز تي پابندي لاڳو ڪئي. ان قدم جي حوصلا افزا نتيجا سامهون آيا، هن چيو ته پروٽيڪٽيڊ ايريا جو تحفظ ۽ انهن جو فروغ حياتياتي تنوع جي لاءِ گهڻو اهم آهي، موجوده حڪومت ان سلسلي ۾ محفوظ علائقن جي تعداد 39 تائين وڌائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت جي ڪوششن سان پاڪستان گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدفن تحت ڪلائمينٽ ايڪشن جو هدف مقرر مدي کان 10سال پهرين حاصل ڪري ورتو آهي، پاڪستان جي موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ ڪاميابين کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي، پاڪستان ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان عالمي فنڊنگ کي حاصل ڪرڻ ۾ به ڪامياب رهيو آهي، مملڪتي وزير زرتاج گل حڪومتي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي ڪلين گرين پاڪستان پروگرام تحت ڪورونا جي وبا دوران ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي معاشي تحفظ جي لاءِ گرين روزگار جي فراهمي جي پروگرام کي اڳتي وڌايو. ان پروگرام تحت هيستائين 85 هزار گرين روزگار فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ماحوليات جي شعبي ۾ پاڪستان ٻن سالندوران جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن گذريل ستر سالن ۾ انهن جو مثال نٿو ملي، هن چيو ته زرعي شعبي جي اهميت جي پيش نظر ان موسيماتي تبديلين سان هم آهنگ بڻائڻ، زمين جي سوڙهي ٿيڻ کي روڪڻ، قابل استعمال پاڻي جي سطح وڌائڻ ۽ گرين روزگار متعارف ڪرائڻ جا منصوبا به حڪومتي ڪاميابين ۾ شامل، آهن، هن چيو ته پاڪستان کي صاف ۽ سبز بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران جي مشن کي جاري رکنداسين، وزيراعظم جي اداره جاتي سڌارن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته بدقسمتي سان گورننس جي نظام ۾ ميرٽ ۽ شفافيت تي ٺاهه ٿي ويو آهي، سڌارا پيڪيج جو مقصد سمورن شعبن جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪرڻ آهي، وزيراعظم عمران خان سمورن شعبن ۾ سڌارن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، وفاقي حڪومت جي سرڪاري کاتن جو تعداد 440 کان گهٽ ڪري 324 ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سرڪاري کاتن ۾ هڪ سال کان خالي 71 هزار کان وڌيڪ جايون ختم ڪيون ويون آهن، وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو جلد حل ۽ رليف فراهم ڪرڻ وزيراعظم جو مشن آهي 25 سالن جي خرابين کي ختم ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته آٽوميشن مان ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو ۽ مسئلا جلد حل ٿيندا هن چيو ته وفاقي حڪومت جي سرڪاري کاتن جي تعداد 440 کان گهٽ ڪري 324 ڪيو پيو وڃي، وفاقي کاتن ۾ هڪ سال کان خالي 71 هزار کان وڌيڪ فالتو آساميون ختم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ادارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي لاءِ قدم جاري آهن، ملازمن جي سالياني ڪارڪردگي جانچڻ جي طريقيڪار کي به تبديل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ملازمن جي اڳئين گريڊ ۾ ترقي جو بنياد صرف ڪارڪردگي هوندو. پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته گهر گهر عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جو پيغام پهچائڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي جنهن جي لاءِ اسان ٿورائتا آهيون، هن چيو ته منهنجي ذهن ۾ سياست ۾ اچڻ کان پهرين حڪومت جو تاثر اهو ئي هو ته اسان ملڪ جي باري ۾ سوچون ۽ عوام جو درد محسوس ڪريون، ان جي لاءِ مون وزيراعظم عمران خان سان جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سياست ۾ آيس، اسان کي مشڪل فيصلا ڪرڻا آهن ۽ صرف ۽ صرف پاڪستان جي باري ۾ سوچڻو آهي، هن چيو ته حڪومت اها هوندي آهي جنهن جي دل ۾ عوام جودرد هجي، عمران خان قوم جو احساس ڪيو ۽ ان حوالي سان احساس پروگرام تحت ملڪ ۾ مسافر خانا ۽ لنگر خانا قائم ڪيا، هن چيو ته ان پريس ڪانفرنس جي ذريعي عوام کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اسان سڀ عوام جي سامهون جوابده آهيون، وزيراعظم عمران خان مون کي جڏهن پارلياماني معاملن واري وزارت جو قلمدان سونپيو ته گڏ اهو به چيو ته پهرين پهرين مشڪل پيش ايندي پر پوءِ آساني ٿي ويندي، هن چيو ته اسان عوامي ماڻهو آهيون، هر وقت اسان کان اسان جي اثاثن جي تفصيلن سميت اسان جي ڪارڪردگي جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ سمورن ادارن جي ماءُ آهي ۽ سمورين وزارتن جي ماءُ پارلياماني معاملن واري وزارت آهي ڇو ته سمورين وزارتن کي پارلياماني معاملن جي ذريعي ئي قانونسازي ڪرڻي هوندي آهي، شروع شروع ۾ ايوان جي اندر مون پرڏيهي وزارت، ريلوي ۽ ٻين وزارتن جا به جواب ڏنا، هن چيو ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اسان جو اصل مقابلو اسٽيٽس ڪو ۽ ڪرپشن سان هو، اهڙي ماحول ۾ اسان کي حڪومت ملي جتي هڪ طرف مخالف ڌر جا ماڻهو گرفتار ٿي رهيا هئا، اهڙين حالتن ۾ پارليامينٽ کي هلائڻ مشڪل ڪم هو، مون پنهنجي ڪارڪردگي جي ڳالهه نٿو ڪريان، پارليامينٽ کي اڳتي وڌائڻ ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، اعظم خان سواتي سميت ٻين اڪابرين انتهائي بهترين ڪردار ادا ڪيو ۽ هاڻي بابر اعواڻ به اسان سان شامل ٿي ويو آهي، هن چيو ته پارليامنيٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي ترڪ صدر جو خطاب به اهميت رکندڙ آهي، قومي معاملن تي قومي اسيمبلي ۾ قانونسازي جي شروع جي ڏيڍ ٻه سالن ۾ قاونسازي جو عمل سستي جو شڪار رهيو پر پوءِ به ٻي پارلياماني سال ۾ 48 بل متعارف ڪرايا ويا ۽ ڪورونا جي صورتحال جي باوجود اسان پارلياماني سال جا 133 ڏينهن پورا ڪيا، انهي طرح سينيٽ ۾ 26 سيشن ٿيا ۽ مجموعي طور تي پارلياماني سال جي 265 ڏينهن پورا ڪيا، سينيٽ ۾ 73 بل متعارف ٿيا، 46 بل منظور ڪيا ويا ۽ 34 آرڊيننسز ايوان ۾ پيش ڪيا ويا، هن چيو ته عمران خان مديني جي رياست جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪو منهنجي دل جي ويجهو ۽ منهنجي زندگي جو مقصد آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ حضور نبي پاڪ صه جي خاتم النبيين صه جي حوالي سان قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ سمورن درستي ڪتابن ۾ پاڻ صه جي نالي مبارڪ سان گڏ خاتم النبيين صه لکڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو، ان سان فتنه قادنيت جي روڪٿام ٿيندي، هن چيو ته ٻارن کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪرڻ جي معاملي تي سرعام ڦاهي جي سزا ڏيڻ جي قرارداد به منظور ٿي، وزيراعظم عمران خان سمورين يونيورسٽين تي لازمي قرار ڏنو آهي ته قرآن پاڪ جي اردو ترجمي سان تعليم لازمي ڏني ويندي ان کانسواءِ ڊگري نه ڏني ويندي، انهي طرح ميٽرڪ جي شاگردن کي به قرآن پاڪ جي لازمي تعليم جو فيصلو ڪيو ويو، علي محمد خان چيو ته شروع ڏينهن ۾ اسان کي مخالف ڌر طرفان مخالفت جو درپيش هئي پر هاڻي مخالف ڌر جا ٿورائتا آهيون، ايف اي ٽي ايف جي باقي قانونسازي تي به اتفاق ٿي ويندو، هن چيو ته جڏهن اسيمبلي جو اجلاس ناهي هوندو، هو وڌيڪ وقت وزيراعظم شڪايت ونگ ۾ گذاريندو رهيو، هن چيو ته جيڪي ماڻهو اسلام آباد نٿا اچي سگهن اسان انهن وٽ هلي وڃي مردان، چڪوال، اٽڪ، صوابي، نوشهره، ڪوئيٽا وياسين پر سڀ کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه تي ٿي ته ڪوئيٽا ۾ اسان جي ان سلسلي ۾ ماڻهن سان ملاقات ٿي ته هنن چيو ته اسان کي خوشي ان ڳالهه جي آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت بلوچستان جي ماڻهن جو حال پڇيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم شڪايت سيل ۾ ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان، اسلام آباد سميت ٻين صوبن طرفان شڪايتون مليون آهن جنهن مان 77 سيڪڙو جو ازالو ڪيو ويو آهي صرف 11 هزار شڪايتون باقي رهجي ويون آهن، هن چيو ته اسان قانونسازي جي عمل کي وڌيڪ فعال ۽ بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا، اسان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي، اسان جيڪا به ڳالهه ڪندا آهيون ملڪ جي لاءِ ڪندا آهيون، هن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ مخالف ڌر کان قانونسازي جي حوالي سان ورڪنگ رليشن شپ ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. وزيراعظم جي واپار وار صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ آئي ته روانگي واپار ۾ لاٿ جو وڏو چئيلنج درپيش هو، واپاري خساري جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ به اهم مسئلو هو، هن چيو ته ڪورونا کان پهرين روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو، معاشي ترقي جي لاءِ روانگي اوپار ۾ اضافو ضروري آهي، حڪومت روانگي واپار جي فروغ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙيندي، هن چيو ته پنج وڏن برآمدي شعبن جي لاءِ مراعتي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو، ڊجيٽلائيزيشن جي فروغ لاءِ اي ڪامرس پاليسي جوڙيو وئي، هن چيو ته جولاءِ وانگر ايندڙ مهينن ۾ به روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جو نمبر 166 هين درجي کان 108 هين تي اچي ويو آهي ۽ پوري دنيا پاڪستان جي ڪوشسن جي واکاڻ ڪئي آهي، هن چيو ته اي ڪامرس جي ذميداري طرف وڃي رهيا آهيون ۽ واپار واري وزارت کي اي ڪامرس تي وٺي وڃن لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن جنهن جو ماضي ۾ فقدان رهيو آهي، جيوگرافيڪل انفارميشن سسٽم جو قانون قومي اسيمبلي مان منظور ڪيو ويو آهي، اهو اهم قانون آهي جنهن جي ذريعي سڄي دنيا ۾ ڪٿي به اسان جي مقامي مصنوعات جو نالو استعمال نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته چين سان آزاد واپار جو معاهدو ٿي ويو آهي ڪووڊ 19 جي ڪري ان تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي پر ان ڪيفيت مان نڪرڻ کانپوءِ جلد ثمرات اچڻ شروع ٿي ويندا، اسٽريٽڪ ٽريد پاليسي فريم ورڪ جي به منظوري ٿي چڪي آهي جنهن جو مقصد روانگي واپار ۾ اضافو ۽ واپاري سرگرمين کي گهڻ رخي بڻائڻ آهي، واپار واري صلاحڪار چيو ته اسان جي انب جي واپار هن وقت دنيا ۾ بهترين رهيو آهي ۽ 80 هزار ٽن برآمد ڪندڙن جي اميد هئي پر هڪ لک 25 هزار ٽن انب برآمد ٿيو جيڪو حوصلا افزا آهي، هن چيو ته جولاءِ جي مهيني ۾ به اسان جو روانگي واپار ڪووڊ جي باوجود تمام گهڻو بهتر رهيو، ايڪس چينج ريٽ کي به حقيقي ايڪس چينج طرف وٺي آيا آهيون ته جيئن ڪرنسي جي بنيادي قدر کي درست رکي سگهجي، ماضي ۾ اڳوڻين حڪومت هٿرادو طريقي سان ڊالر کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي ڪري معيشت کي نقصان ٿيو، هن چيو ته ڪچي مال جي درآمد کي مڪمل ڊيوٽي فري ڪيو پيو وڃي ته جيئن صنعتي پيداوار ۾ اضافو ٿئي. منشيات جي خاتمي ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو ته ملڪ ۾ منشيات ۽ مني لانڊرنگ جي لعنت تي موثر طور تي ضابطو آڻڻ لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو ڊيٽا بئنڪ جوڙيو ويو ۽ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ منشيات جي اسمگلنگ جي روڪٿام بابت معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون جنهن سان منشيات جي روڪٿام سميت مني لانڊرنگ جي لعنت تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته عوام الناس ۾ منشيات بابت آگاهي جي لاءِ ”زندگي“ جي نالي سان ايپلي ڪيشن متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي، صحت واري وزارت ۽ گڏيل قومن جي منشيات ڪنٽرول اداري ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني اسٽيڊيز جي سهڪار سان منشيات جي نگراني جو هڪ طريقيڪار جوڙيو ويو آهي جنهن کي عادي ماڻهن جي بحالي کانسواءِ نجي منشيات ڪنٽرول جي مرڪزن تي نظر رکڻ ۾ مدد ملندي.