APP06-26 ISLAMABAD: June 26 - President Dr. Arif Alvi being briefed on Virtual University of Pakistan at Aiwan-E-Sadr. APP

اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ورچوئل يونيورسٽي جو دائرو وڌائڻ ۽ گلوبل مارڪيٽنگ لاءِ پنج سالا منصوبو جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وبا جي پيش نظر ورچوئل يونيورسٽي جديد انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز جي بهتر استعمال جي ذريعي تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ورچوئل يونيورسٽي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.