APP35-22 ISLAMABAD: June 22 – Interior Minister, Federal Minister for Religious Affairs and SAPM on National Health Services meeting with the President Dr. Arif Alvi at Aiwan-i-Sadr. APP

اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان وبا سان ڪيترائي چئلينجز سامهون آيا آهن جن تي معاشري جي سمورن طبقن جي فعال حمايت ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر هم آهنگي سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيرن عيدالاضحيٰ جي مناسبت سان عيد جي شاپنگ ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري جي حوالي سان ايس او پيز تي عملدرآمد بابت تجويزن کان صدر کي آگاهه ڪيو. صدر وزيرن کي چيو ته اهي انهن تجويزن جي صوبائي حڪومتن سان ڏي وٺ ڪن ۽ سمورن حصيدارن سان مشاورت ڪن ته جيئن انهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن عوام تي زور ڏنو ته عيدالاضحيٰ جي مناسبت سان شاپنگ ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري جي لاءِ رش ۽ ٻين ميڙن کان پاسو ڪن.