APP22-06 ISLAMABAD: April 06 – Speaker National Assembly Asad Qaiser chairing a meeting of the Parliamentary Committee on corona virus disease at Parliament House. APP

اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) ڪرونا وائرس تي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، روينيو واري وفاقي وزير حماد اظهر، ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد، سينيٽر شبلي فراز، سينيٽر مشاهد الله، سينيٽر غفور حيدري، سينيٽر شيري رحمان ۽ قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف شرڪت ڪئي. ڪميٽي کي اين ڊي ايم اي جي سربراهه جنرل افضل ۽ وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر طفر مرزا بريفنگ ڏني.