APP29-30 ISLAMABAD: December 30 – Adviser to the Prime Minister on Finance & Revenue, Dr. Abdul Hafeez Shaikh chairing the meeting of the Economic Coordination Committee (ECC) of the Cabinet. APP

اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) 15 جنوري کان درآمدي ڪپهه تي ٽي سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي، ٻه سيڪڙو اضافي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اي سي سي طورخم بارڊر جي ذريعي افغانستان ۽ وچ ايشيا کان ڪپهه جي درآمد جي اجازت به ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.