APP44-24 ISLAMABAD: July 24 - President Dr. Arif Alvi addressing the students/participants of 15th National Summer Camp organized by IBCC at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اخلاقي قدرن کانسواءِ تعليم کي بي معنيٰ قرار ڏيندي نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته ملڪ کي خوشحال بڻائڻ جي لاءِ محنت ۽ ايمانداري جي اصولن تي قائم رهندي ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ جي 28 تعليمي بورڊز جي انٽرميڊيئٽ امتحانن ۾ نمايان پوزيشون حاصل ڪندڙ 132 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خطاب ڪندي ڪيو جن 15 هين نيشنل سمر ڪئمپ جي شرڪت ڪندڙن جي حيثيت سان ايوان صدر جو دورو ڪيو.