APP22-08 ISLAMABAD: April 08 - President Dr. Arif Alvi in a group photo with Chairman of Pakistan-France Business Council of MEDEF International, Mr. Thierry Pflimlin, and his Delegation, who called on him at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان فرانس سان پنهنجي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ جو خواهشمند آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيف (ايم اي ڊي اي ايف) انٽرنيشنل پاڪ فرانس بزنس ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ٽوٽل گلوبل سروسز جي صدر ٿيري فلملن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ وفد سان گڏ ملاقات ڪئي.