APP67-02 ISLAMABAD: January 02 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting on Federal Government Development Projects in Karachi, at PM Office. APP

اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي محور آهي، شهر قائد کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. هن اها ڳالهه ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.