APP67-03 BEIJING: November 03 – Prime Minister Imran Khan and Premier Li Keqiang witnessing signing of MoUs between Pakistan and China. APP

بيجنگ – 03 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي 15 معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. پاڪستان مان غربت جي خاتمي ۽ ٻنهي ملڪن جي مختلف شعبن جي وچ ۾ تعاون جا معاهدا شامل آهن. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ انهن معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان ۽ چيني وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پڻ موجود هئا.