3. President Mamnoon Hussain being presented Annual Report – 2017 by Federal Ombudsman, Syed Tahir Shahbaz at the Aiwan-e-Sadr, Islamabad on March 29, 2018.

اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪري کين سهولتون فراهم ڪرڻ جو ڪم عبادت جو درجو رکي ٿو ۽ ان سان معاشري ۾ سڪون ۽ استحڪام پيدا ٿيندو آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي محتسب جي ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي آهي، هن اها ڳالهه وفاقي محتسب سيد طاهر شهباز سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي سيڪريٽري محمد اصغر چوڌري، سينئر ايڊوائيزر اعجاز احمد قريشي کانسواءِ ٻيا عملدار به موجود هئا.