APP04-21 ISLAMABAD: March 21 - President Mamnoon Hussain conferring Nishan-i-Imtiaz (Military) upon Chief of the Air Staff, Air Chief Marshal Mujahid Anwar Khan at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين ايئر چيف مجاهد انور خان کي نشان امتياز ملٽري عطا ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان ايوان صدر ۾ هڪ پروقار تقريب جو انعقاد ڪيو ويو. ان موقعي تي صدر ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان کي پاڪ فضائيه جي ڪمان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. تقريب کانپوءِ صدر سان پاڪ فضائيه جي سربراهه ڌار ملاقات ڪئي.