پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ويزن تي عمل ڪري رهيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پرامن ۽ گڏيل طور تي ٺوس خطي جي پنهنجي ويزن تي عمل ڪري رهيو آهي، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي جي اقتصادي ترقي جي لاءِ اهميت وارو آهي، ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناتي پاڪستان ۽ ايران اهم ڪردار ادا ڪري سگهن …

اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پرامن ۽ گڏيل طور تي ٺوس خطي جي پنهنجي ويزن تي عمل ڪري رهيو آهي، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي جي اقتصادي ترقي جي لاءِ اهميت وارو آهي، ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناتي پاڪستان ۽ ايران اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ايران سان گڏيل فائدي واري اقتصادي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش رکن ٿا. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر جواد ظريف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں