ايندڙ مالي سال 2026-27ع جي وفاقي بجيٽ رليف تي ٻڌل ۽ اڳوڻين بجيٽن کان مختلف آهي، حڪومت مختلف شعبن کي اهم رليف فراهم ڪيو آهي: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ ايندڙ مالي سال 2026-27ع جي وفاقي بجيٽ کي "رليف تي ٻڌل ۽ اڳوڻين بجيٽن کان مختلف" قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت معاشي استحڪام، ٽيڪس سڌارن ۽ اثرائتي عملدرآمد ذريعي مالي گنجائش پيدا ڪندي پگهاردار طبقي، روانگي واپارين، صنعت، هائوسنگ، زراعت، آئي ٽي ۽ نوجوانن سميت مختلف شعبن کي اهم رليف فراهم ڪيو آهي. وزيراعظم …

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ ايندڙ مالي سال 2026-27ع جي وفاقي بجيٽ کي "رليف تي ٻڌل ۽ اڳوڻين بجيٽن کان مختلف” قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت معاشي استحڪام، ٽيڪس سڌارن ۽ اثرائتي عملدرآمد ذريعي مالي گنجائش پيدا ڪندي پگهاردار طبقي، روانگي واپارين، صنعت، هائوسنگ، زراعت، آئي ٽي ۽ نوجوانن سميت مختلف شعبن کي اهم رليف فراهم ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾، معيشت کي ڪنگال ٿيڻ جي خطرن، وڏي مهانگائي، غير مستحڪم مٽا سٽا جي شرح ۽ گهٽ سطح تي پرڏيهي ناڻي جي جي ذخيرن جهڙن سنگين چئلينجن مان ڪڍي استحڪام جي رستي تي آندو ويو، جڏهن ته ايف بي آر سڌارن، ڊجيٽلائيزيشن، ٽيڪس نظام جي بهتري، وڏن شعبن کان موثر وصوليُون، هائوسنگ ۽ روانگي واپار جي شعبي لاءِ مراعتُون، نوجوانن لاءِ قرض ۽ هنرمندي جا پروگرام، زرعي مشينري تي ڊيوٽي جي خاتمي ۽ آئي ٽي ۽ فري لانسرز لاءِ سهولتن جي وسيلي وڏي معاشي سرگرمي ۽ عوامي ڀلائي کي يقيني بڻايو ويو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار آن لائن بريفنگ دوران ڪيو. ناڻي وارو وزير بلال اظهر ڪياني پڻ ان موقعي تي موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ماڻهن کي صرف تنقيد ڪرڻ جي عادت آهي ۽ اهي تنقيد براءِ تنقيد تي يقين رکن ٿا. هن چيو ته هِن بجيٽ جي ته مخالف به واکاڻ ڪري رهيا آهن، الله تعاليٰ جي فضل سان، هڪ رليف تي ٻڌل بجيٽ تيار ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پي ٽي آءِ جا ماڻهو دعويٰ ڪندا هئا ته ملڪ اڄ ڏيوالو ٿي ويندو، سڀاڻي ڏيوالو ٿي ويندو، ان دور ۾ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽ ترين سطح تي پهچي ويا هئا، درآمدي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ وسيلا نه هئا، مٽاسٽا جي شرح ۾ سخت لاهن چاڙهن جو شڪار هُئي، روپيو مستحڪم نه هو، روانگي واپارين لاءِ ايل سي کولرائڻ مشڪل هو، صورتحال اهڙي هئي جو مهانگائي38 سيڪڙو تائين پهچي چڪي هُئي ۽ 50 سيڪڙو تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي پئي وئي، وياج جي شرح 22 سيڪڙو کان مٿي ٿي چڪي هئي، ۽ ناڻي جي ذخيرن ۾ به نمايان گهٽتائي ٿي چُڪي هئي. ڪجهه سرڪاري شخصيتن ان لاءِ موڪلون ورتيُون هُيُون جو انهن نه پئي چاهيو ته انهن جي دور ۾ ملڪ ڏيوالو ٿئي ۽ ڪو به ملڪ جي معيشت کي سنڀالڻ لاءِ تيار نه هو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اهڙي ڏکئي وقت ۾ مسلم ليگ (ن) جي قيادت معيشت کي سنڀاليو، محمد نواز شريف جي ويزن تحت وزيراعظم شهباز شريف معاشي معاملن کي اڳتي وڌايو. هن چيو ته جيڪڏهن پيرس ۾ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان مسئلا حل نه ٿين ها ته خدشو هو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. وزيراعظم شهباز شريف ذاتي ڪوششن سان آءِ ايم ايف سان ڪامياب ڳالهيون ڪيون، اسان آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وياسين ۽ اڄ معاشي استحڪام آيو آهي. هن چيو ته گُذريل ٻن سالن جي سفر ۾ وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا چوندو رهيو ته جيئن ئي گنجائش پيدا ٿيندي ته عوام کي رليف ڏنو ويندو ۽ اسان گنجائش جو انتظار نه ڪيو، پر ڀرپُور محنت سان اها گنجائش پيدا ڪئي اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومت ايف بي آر ۾ سڌارا آندا آهن، سفارشي ڪلچر کي ختم ڪيو آهي ۽ ٽيڪس وصولي جي نظام کي جامع بڻايو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو وزن واضح هو ته ٽيڪس ادا ڪندڙن تي ٽيڪس نه ڏيندڙن جو بار نه ٿو وجهي سگهجي. هن چيو ته ڪسٽم هجي يا انڪم ٽيڪس، سفارش تي مقرري جو عمل ختم ۽ مڪمل ميرٽ جو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي. بندرگاهن کان وٺي انڪم ٽيڪس آفيسن تائين هڪ شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل نظام قائم آهي، جڏهن ته بندرگاهن تي "فيس ليس اپريزل” سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري درآمد ڪندڙ يا برآمد ڪندڙ جو ڪسٽم آفيسر سان سڌو سنئُون ڪوبه تعلق نه هُوندو آهي. سمُورو عمل آن لائن نظام وسيلي ٿيندو آهي. جيڪو ڪم اڳ ۾ هفتن ۾ٿيندو هو اهو هاڻي ڏينهن ۾ پُورو ٿي ويندو آهي. عطاءُالله تارڙ چيو ته فيس ليس سسٽم ۾ دير يا ناجائز مطالبن جي گنجائش ختم ٿي وئي آهي. هن چيو ته کنڊ، مشروبات، سيمينٽ ۽ تماڪ جهڙيون ڪجهه وڏيون صنعتون غير معمولي منافعو ڪمائڻ جي باوجود مناسب ٽيڪس ادا نه ڪري رهيون هيون. هن چيو ته شگر ملز ۾ ڪئميرائُون لڳايُون ويُون، انفارميشن ٽيڪنالاجي سسٽم متعارف ڪرايو ويو، پيداوار ۽ وڪرو جي نگراني شروع ڪئي وئي ۽ هر ٻوري تي بارڪوڊ ۽ ڪيو آر ڪوڊ لڳايو ويو ته جيئن انهن جي مڪمل نگراني ممڪن ٿي سگهي. هن سڌارن جي عمل جي نتيجي ۾ صرف کنڊ جي صنعت مان 60 ارب رپين جو اضافي ٽيڪس وصُول ڪيو ويو. هن چيو ته تماڪ جي صنعت ۾ 200 ارب رپين جو کوٽ هُئي، ڇاپا هڻي غير قانوني واپار کي روڪيو ويو، جڏهن ته مشروبات ۽ سيمينٽ جي شعبن ۾ به نگراني جو عمل جاري آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته اسان جو مقصد واضح آهي ته وڏا شعبا به اهو ئي ٽيڪس ادا ڪن جيڪو انهن تي لاڳو آهي ته جيئن بار صرف پگهاردار طبقي تي نه پوي. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس تڪرارن ۽ ڪيسن کي حل ڪرڻ لاءِ نوان ٽربيونل قائم ڪيا آهن، جن جا نوان چيئرمين مقرر ڪيا ويا آهن، التوا ۾ پيل ڪيسن جي فيصلن ذريعي ڪيترائي سئو ارب رپين جُون وصوليُون ممڪن ٿيُون، منع ناما ختم ڪرايا ويا ۽ لاڳاپيل ادارن کي مڪمل وصوليُون يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڏنيون ويون، صرف هڪ سال ۾ تقريبن اٺ سئو ارب رپين جي اضافي وصوليُون اهي شيُون لاڳو ڪرڻ وسيلي ڪيُون ويُون. هن چيو ته هي اُهي سڌارا هئا جن جي نتيجي ۾ حڪومت ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ مالي گنجائش پيدا ڪئي، اهو وزيراعظم شهباز شريف جي ذاتي ڪوششن جو نتيجو آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو موقف واضح آهي ته جيستائين ٽيڪس جو نظام بهتر نه ٿيندو، ايف بي آر ۾ سڌارا نه ٿيندا ۽ آئي ٽي تي ٻڌل نظام نه ايندا، نظام بهتر نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ميلنڊا بل گيٽس فائونڊيشن ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ شامل رهي، دنيا جي بهترين ادارن مان پڙهيل ماڻهُو هن وقت آئي ٽي سسٽم هلائي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت به اهي قدم کڻي پئي سگهي، انهن ئي قدمن جي ڪري پگهاردار طبقي کي رليف ڏنو ويو. وفاقي وزير چيو ته 50 هزار رپين جي ماهوار پگهار تي ڪو به ٽيڪس نه هوندو، 50 هزار کان هڪ لک رپين جي ماهوار آمدني تي صرف هڪ سيڪڙو ٽيڪس مقرر ڪيو ويو آهي، ٻين آمدني وارن طبقن لاءِ به ٽيڪسن جي شرح ۾ گهٽائي ڪئي وئي آهي، پگهاردار طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ اهم مطالبو هو جنهن کي پورو ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته بجيٽ ۾ هائوسنگ جي شعبي جي حوالي سان اهم قدم تجويز ڪيا ويا آهن، پنج ۽ ڏهه مرلا جا گهر يا پلاٽ خريد ڪرڻ ۽ وڪڻڻ وارن لاءِ ٽيڪس تمام گهٽ ڪيو ويو آهي، پنهنجو گهر پروگرام لاءِ 90 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 11 ارب رپيا جاري ٿي چُڪا آهن. هن چيو ته هائوسنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان نه رڳو تعميرات پر سيمينٽ، بجري، لوهه، فٽنگز ۽ ٻين لاڳاپيل صنعتن سميت 12 کان وڌيڪ شعبا پُڻ متحرڪ ٿيا آهن. هن چيو ته بجيٽ ۾ برآمد ڪندڙن لاءِ ايڊوانس ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي ۽ سپر ٽيڪس جي خاتمي جو به اعلان ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته روانگي واپاري وڌيڪ منافعو حاصل ڪندا ته اهي نئين سيڙپڪاري ڪندا، صنعتون وڌنديون ۽ "ميڊ ان پاڪستان” مصنوعات عالمي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مقابلي واري ٿي سگهندي. هن چيو ته ايڪسپورٽ ري فنانسنگ اسڪيم تحت وياج جي شرح صرف چار سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي، هي سهولت برآمدي صنعت لاءِ هڪ وڏو رليف سمجهي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته نوجوانن جي لاءِ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت وڏي پيماني تي فنڊ مختص ڪيا ويا آهن. زرعي ۽ ڪاروباري قرضن مان ساڍا پنج لک نوجوان لاڀ حاصل ڪندا. فني تربيت جي ادارن کي مضبوط ڪيو پيو وڃي ته جيئن نوجوانن کي جديد هنر فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته راندين جي شعبي ۾ اسپورٽس ٽيلنٽ هنٽ پروگرام کي وڌيڪ وڌايو ويو آهي. اسپورٽس ٽيلنٽ هنٽ پروگرام سان هِن ڀيري پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪيترائي رانديگر سامهون آيا. ارشد نديم سميت ڪيترائي ڪامياب رانديگر سامهون آيا. دانش اسڪول ۽ دانش يونيورسٽي جهڙن منصوبن کي اڳتي وڌايو پيو وڃي ته جيئن نوجوان نسل کي بهتر تعليمي موقعا ملي سگهن. هن چيو ته زراعت سان لاڳاپيل مشينري تي درآمدي ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، هاڻي اها مشينري آساني سان گهُرائي سگهجي ٿي. سپر ٽيڪس ۽ ايڊوانس ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، نجي شعبي لاءِ ڪيتريون ئي سهولتون پيدا ڪيون ويون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته آئي ٽي تي ٽيڪس ڇوٽ کي جاري رکيو ويو آهي، فري لانسرز تي ڪو به اضافي بار ۽ اضافي ٽيڪس نه آهي، آئي ٽي سروسز حڪومت جي اولين ترجيح آهن، آئي ٽي ڪمپنين کي رعايتون ڏنيون ويون ته جيئن اهي پنهنجن معاملن کي اڳتي هلائي سگهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته لڳ ڀڳ 36 لک ننڍا دُڪاندار ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر هئا، واپاري تنظيمن سان صلاح مشوري کان پوءِ انهن لاءِ هڪ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم آندي وئي، ننڍا دُڪاندار گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار رپيا ساليانو ٽيڪس ادا ڪندا، انهن کي ايف بي آر کان سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويندو، هي تمام وڏو قدم آهي، سڄي پاڪستان جون واپاري تنظيمون رابطي ۾ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ عطاءُ الله تارڙ چيو ته جيولرز جي مطالبن جي هڪ مڪمل فهرست اسان وٽ آئي آهي اسان ان کي ڏسي رهيا آهيون. هي تمام گهڻو مهارت وارو شعبو آهي، انهن وٽ درآمد ذريعي سون ايندو آهي، مختلف صرافه تنظيمن جي مطالبن تي غور ڪري رهيا آهيون، ان حوالي سان هڪ پاليسي ٺاهي ويندي. عطاءُالله تارڙ چيو ته زرعي اوزارن جي درآمد تي هر قسم جي ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، يوٿ بزنس لون تحت زرعي شعبي ۽ نوجوان گريجوئيٽس کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي وئي آهي، هن سال زرعي گريجوئيٽس کي وڌيڪ تعليم لاءِ چين موڪليو ويو، زرعي جدت لاءِ اسڪيم جاري رهندي، زرخيزي اسڪيم تحت زرعي فنانس تي وياج جي شرح کي تمام گهڻو گهٽ ڪيو ويندو، پگهاردار طبقي، صنعت، برآمد ڪندڙن سميت سڀني کي هن بجيٽ ۾ فائدو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته هِن بجيٽ جي هر طبقو واکاڻ ڪري رهيو آهي، اڳوڻو ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل به چئي رهيو آهي ته پگهاردار طبقي، برآمد ڪندڙن ۽ ڪاروباري شعبي کي رليف مليو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پوري ٽيم سان گڏ معاشي استحڪام لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي، ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ انهن جي ٽيمن ۽ ايس آءِ ايف سي سميت سڀني لاڳاپيل ڌُرين معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اڄ ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي جيڪو گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، اهي سمُورا قدم ٽيم ورڪ جو نتيجو آهن جنهن ۾ محمد نواز شريف جو وزن شامل آهي. مسلم ليگ (ن) سدائين ملڪ جي خدمت ڪئي آهي، ٻن سالن ۾ وڌ کان وڌ رليف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اسان پنهنجو واعدو وفا ڪيو آهي.

مزید خبریں