ڪوهاٽ ۾ پوليس لائين ويجهو ڌماڪو، ڪيترائي ماڻهو زخمي

پشاور- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪوهاٽ ۾ پوليس لائين ويجهو زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پوليس اختيارين موجب ڌماڪي کان پوءِ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. پوليس اختيارين موجب ڌماڪي واري هنڌ جو تعين ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته پوليس لائين ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪيا ويا آهن. پوليس ٽيمون واقعي واري هنڌ طرف روانو ڪيون ويون آهن، …

پشاور- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪوهاٽ ۾ پوليس لائين ويجهو زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پوليس اختيارين موجب ڌماڪي کان پوءِ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. پوليس اختيارين موجب ڌماڪي واري هنڌ جو تعين ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته پوليس لائين ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪيا ويا آهن. پوليس ٽيمون واقعي واري هنڌ طرف روانو ڪيون ويون آهن، جتي ريسڪيو آپريشن جي شروعات ڪئي وئي آهي. ريسڪيو 1122  موجب ايمبولينسز ذريعي هن وقت تائين 20 کان وڌيڪ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ريسڪيو اهلڪار زخمين کي فوري امداد جي فراهمي ۽ کين اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ مصروف  آهن. ڌماڪي جي نوعيت ۽ جاني ۽ مالي نقصان  بابت وڌيڪ تفصيل اڃا تائين سامهون ناهن آيا. پوليس پاران واقعي جي جاچ جاري آهي.