تيونس ۾ منعقد عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 22 سيپٽمبر تائين طلب

اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان  چيو آهي، ته تيونس ۾ 22 کان 24 آڪٽوبر تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش آءِ ٽي ايف انٽر ٽيڪس ۾ شرڪت لاءِ 22 سيپٽمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش تيونس ۾ 22 آڪٽوبر کان 24 آڪٽوبر تائين جاري رهندي. نمائش ۾ هم ٽيڪسٽائيل، تيار ڪپڙن، فيبرڪ، چمڙي ۽ جوتن سان …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان  چيو آهي، ته تيونس ۾ 22 کان 24 آڪٽوبر تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش آءِ ٽي ايف انٽر ٽيڪس ۾ شرڪت لاءِ 22 سيپٽمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش تيونس ۾ 22 آڪٽوبر کان 24 آڪٽوبر تائين جاري رهندي. نمائش ۾ هم ٽيڪسٽائيل، تيار ڪپڙن، فيبرڪ، چمڙي ۽ جوتن سان واڳيل پاڪستاني ماڻهو ۽ ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش  ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.