سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي جي ملاقات

اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي پارليامنٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي، جمهوري استحڪام ۽ عوامي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سيد محمد نهال هاشمي کي سنڌ جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون …

اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي پارليامنٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي، جمهوري استحڪام ۽ عوامي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سيد محمد نهال هاشمي کي سنڌ جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ کيس نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن اِن اميد جو اظهار ڪيو ته سنڌ جي گورنر پنهنجي نئين ذميوارين کي جمهوري روايتن ۽ آئيني اصولن مطابق ادا ڪندي عوام جي خدمت جو سلسلو جاري رکندو. سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي سياسي بصيرت، پارلياماني تجربي ۽ ڊگهي عوامي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته هن سينيٽ چيئرمين جي تجربن کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سندس خاندان جون  سياسي، سماجي ۽ روحاني خدمتون قدر جوڳيون ۽ عوامي سطح تي احترام جوڳيون آهن. گورنر عوامي فلاح ۽ بهبود ۽ قومي ترقي لاءِ سينيٽ چيئرمين جي مسلسل ڪاوشن کي به ساراهيو ۽ عوام جي بهتري لاءِ سندس ڪردار کي تعريف جوڳو قرار ڏنو. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي اڳواڻن جمهوري ادارن جي استحڪام، پارليامنٽ جي ڪردار کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ اجتماعي ڪوششن کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.