APP69-10 ISLAMABAD: March 10 - Minister of State for IBNH&LH Ms. Marriyum Aurangzeb talking to media. APP

اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب توهان ڪوڙ ڳالهائيندا آهيو ۽ ان شيءَ کان نظر هٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو جيڪا خيبرپختونخوا ۾ توهان جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي آهي، توهان ان شيءَ کان نظر هٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو ته سپريم ڪورٽ ۾ توهان جعلي دستاويز جمع ڪرايا ۽ ان جي جعلي هجڻ جو اعتراف به ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنوينشن سينٽر جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.