پاڪستان نيپال سان رابطن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم

کٽمنڊو – 06 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ موجوده ٻه طرفي لاڳاپن کي اسرندڙ شعبن ۾ فعال حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي وڌيڪ صلاحيت موجود آهي، پاڪستان نيپال کي تمام گهڻي اهميت ڏيندي ٻنهي حڪومتن ۽ عوام جي سطحن تي رابطن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه نيپال جي صدر بڌيا ديوي ڀنڊاري سان ڳالهائيندي …

کٽمنڊو – 06 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ موجوده ٻه طرفي لاڳاپن کي اسرندڙ شعبن ۾ فعال حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي وڌيڪ صلاحيت موجود آهي، پاڪستان نيپال کي تمام گهڻي اهميت ڏيندي ٻنهي حڪومتن ۽ عوام جي سطحن تي رابطن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه نيپال جي صدر بڌيا ديوي ڀنڊاري سان ڳالهائيندي چئي، هي ملاقات مهاراج گنج ۾ واقع نيپال جي سرڪاري صدارتي محل”شيتل نواس“ ۾ ٿي جنهن ۾ معيشت، سياحت ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

مزید خبریں