اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي اسپيشل سروس گروپ ۽ رائل سعودي نيول فورسز جي اسپيشل آپريشن فورسز جي وچ ۾ ٿيندڙ 15 ڏينهن واري ٻطرفي سامونڊي مشق افعي الساحل چار ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي. اها مشق ٻنهي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ ٻطرفي سامونڊي تعاون جي اهم علامت آهي. ٻنهي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ گڏيل آپريشنز جي صلاحيت جو فروغ، پيشيواراڻي مهارت …
پاڪستان ۽ سعودي عرب جون گڏيل مشقون پڄاڻي تي پهتون

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي اسپيشل سروس گروپ ۽ رائل سعودي نيول فورسز جي اسپيشل آپريشن فورسز جي وچ ۾ ٿيندڙ 15 ڏينهن واري ٻطرفي سامونڊي مشق افعي الساحل چار ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي. اها مشق ٻنهي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ ٻطرفي سامونڊي تعاون جي اهم علامت آهي. ٻنهي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ گڏيل آپريشنز جي صلاحيت جو فروغ، پيشيواراڻي مهارت ۾ اضافي، دفاعي ٽيڪنيڪ ۽ طريقيڪار جي مشق ۽ سامونڊي دهشتگردي جي روڪٿام جي لاءِ آپريشنز جي حوالي سان پيشيواراڻي تجربن جي مٽاسٽا مشق جا بنيادي مقصد هئا. سامونڊي مشق افعي الساحل ٻن مرحلن تي ٻڌل هئي.











